ڏيڍ سٽا (صنف): سنڌي شاعريءَ جي هيءَ صنف جديد سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز ايجاد ڪئي. اياز پنھنجي ايجاد ڪيل هن صنف بابت پنهنجن ئي ڏيڍ سٽن جي مجموعي ’ننڊوليون‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڏيڍ سٽا فارسيءَ جو ’مستزاد‘ ۽ پنجابي گيت ’ماهيا‘ جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهي، جيڪا آسانيءَ سان ڳائي سگهجي ٿي.“ ڏيڍ سٽي ۾ پهرين اڌ سٽ ٿئي ٿي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو ۽ ٻي مڪمل / سڄي سٽ هوندي آهي، جنهن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو، جڏهن تہ ڪجهہ ڏيڍ سٽن جي پهرئين اڌ سٽ ۾ توڙي ٻي سڄيءَ سٽ ۾ قافين سان گڏ رديف پڻ استعمال ٿئي ٿو. اياز جا ڏيڍ سٽا ڪجهہ مفعول مفاعيلن، ڪجهہ فاعلن مفاعيلن ۽ ڪجهہ مفعول فاعلاتن جي وزن تي لکيل آهن. جڏهن تہ ڪجهہ ماترائن جي حساب سان بہ لکيل آهن.
شيخ اياز جي ’ڏيڍ سٽي‘ صنف جي ايجاد ۽ ان جي صنف جي مجموعي ’ننڊ وليون‘ جي اشاعت کانپوءِ هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ ڪافي عام ٿي وئي آهي، جنهن تي نئين ٽهيءَ جي تمام گهڻن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪن شاعرن هن ئي صنف کي ’ڏيڍوڻا‘ جي صنف نالي هيٺ سرجيو آهي. نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر وسيم سومري جا اهڙا ’ڏيڍوڻا‘ سندس شاعريءَ جي مجموعي ’ياد جي نيري ندي‘ ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ناليواري شاعرہ رخسانه پريت چنڙ بہ پنھنجي ڪتاب ’پياسي ساڀيان جل ٿل خواب‘ مجموعي ۾ ڏنا آهن، جن کي ڏيڍ سٽا چئي سگهجي ٿو، پر هن انهن جو سٽاءُ وائيءَ وانگر رکيو آهي. يعني پهرين اڌ سٽ، ٻي اڌ سٽ ۽ ٽين اڌ سٽ. ٻئي سٽ سان ملائڻ بدران وائيءَ جي وراڻيءَ وانگر ٽين سٽ ۾ ڏني آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز واري گهاڙيٽي کي ئي اصل ڏيڍ سٽو مڃيو ۽ لکيو وڃي ٿو.
شيخ اياز کان سواءِ اياز گل، ادل سومري، آسي زميني، تاج جويي ۽ ٻين شاعرن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
نموني طور ڏيڍ سٽو هيٺ ڏجي ٿو:
تو ڏانهن نهاريان ٿو.
تون آنھہ اها جنهن تي،
مان ساھہ بہ واريان ٿو.
-
مونسان تہ نہ ها ڄايا.
اي ماءُ! ٻڌاءِ مون کي،
هي درد ڪٿان آيا.