ڏيڏر
ڏيڏر
ڏيڏر (Frog): ڏيڏر پاڻي ۽ خشڪيءَ جو جاندار آهي، يعني هي پاڻي توڙي خشڪيءَ تي زندهه رهي سگهي ٿو. اهڙا جاندار جيڪي پاڻي توڙي خشڪيءَ تي رهي سگهن، تن کي سائنسي ٻوليءَ ۾ يا علم حياتيات ۾ ايمفيبين (Amphibian) چئبو آهي. اهڙا ٻيا ڪيترائي جاندار آهن، جيڪي ايمفيبين آهن، ڇاڪاڻ جو اهي پاڻيءَ کان پوريءَ طرح آزاد ناهن هوندا. جيتوڻيڪ هنن جاندارن ۾ جسماني تبديلي واضح طور تي آئي آهي، پوءِ به کين آنن لاهڻ لاءِ پاڻيءَ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ هنن جاندارن جا پير چپوءَ وانگي استعمال ٿين ٿا ۽ ڄنگهن ۽ ٻانهن جون مشڪون ترڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. هي جاندار خشڪيءَ تي پنهنجي ڦڦڙن وسيلي ساهه کڻندا آهن ۽ جڏهن پاڻيءَ ۾ هوندا آهن ته کل وسيلي ساهه کڻندا آهن، مطلب ته اهي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪندا آهن، اهو عمل سندن کل جي خاص تاندورن وسيلي ٿيندو آهي. خشڪيءَ تي ڏيڏر ٻين عام جاندارن وانگي ڦڦڙن وسيلي ساهه کڻندو آهي. ڏيڏر جون هينئر تائين پنجن هزارن کان مٿي جنسون يا نسل دريافت ڪيا ويا آهن، جيڪي دنيا جي مختلف خطن ۾ ملن ٿا. ڏيڏر خشڪيءَ تي ٽپا ڏئي هلندو آهي، تنهنڪري سندس نمايان سڃاڻپ ٽپا ڏيندڙ جاندار طور ٿيندي آهي. آسٽريليا جو راڪيٽ ڏيڏر پنهنجي جسماني ساخت کان پنجاهه ڀيرا وڌيڪ ٽپ ڏئي سگهندو آهي، يعني اهو ڏيڏر اٽڪل ٻه ميٽر مٿي ٽپا ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ته پاڻيءَ ۾ ترڻ مهل سندس پير چپوءَ وانگر ڪم ڪن ٿا، سندس پيرن جي پنجن آڱرين ۽ هٿن جي چئن آڱرين جي وچ ۾ هڪ سنهڙي جهلي هوندي آهي، جيڪا ترڻ مهل سندس هٿن پيرن کي چپوءَ جي شڪل ڏيندي آهي. ڏيڏر عام جاندار جي مقابلي ۾ ان ڪري به منفرد آهي، جو ان کي ٻين جاندارن وانگر ڳچي ڪا نه ٿيندي آهي، نه ئي وري کيس پڇ هوندو آهي. ڏيڏر جو مٿو (منڍي) سڌو سنئون ڌڙ سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن ڪري ڏيڏر پنهنجو مٿو ٻين جاندارن وانگر لوڏي نه سگهندو آهي. ڏيڏر جو مٿو مخروطي شڪل جو ٿيندو آهي، جنهن تي ٻه اڀريل گول وڏيون اکيون هونديون آهن. اکين پٺيان هڪ گول اڀار هوندو آهي، جنهن کي ٽمپينڪ ميمبرين (Tympanic Membrane) چئبو آهي، جنهن جي چمڙي آلي ۽ ترڪڻي هوندي آهي. ڏيڏر کاڌو وات وسيلي حاصل ڪندو آهي، پر هو کاڌو چٻاڙيندو نه پر ڳهندو آهي. ڏيڏر جا ڏند صرف مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾ هوندا آهن، جيڪي بنهه ڪمزور ۽ نوڪدار هوندا آهن. ڏيڏر جي ڏندن جو ڪم صرف خوراڪ کي روڪڻ يا جهلڻ لاءِ هوندو آهي. ڏيڏر جي زبان کاڌو حاصل ڪرڻ جي ڪم ايندي آهي، جنهن تي هڪڙو چنبڙندڙ مادو لڳل هوندو آهي، جيڪو خوراڪ کي جهٽي وٺندو آهي. ڏيڏر پنهنجي زبان يڪدم ڪڍي خوراڪ، جيتن جڻين ڏانهن وڌائيندو آهي ۽ اهي سندس زبان سان چهٽي ويندا آهن ۽ هو يڪدم زبان کي وات ۾ واپس ڪري وات بند ڪندو آهي ۽ خوراڪ کي ڳهي ويندو آهي. ڏيڏر برساتي موسم ۾ تمام گهڻا نظر ايندا آهن ۽ ان ئي موسم ۾ هو لڳ ڪندا آهن ۽ آنا لاهيندا آهن. سياري جي موسم ۾ ڏيڏر زمين اندر ڪنهن گهميل جاءِ تي لڪي ويندا آهن، جنهن کي سياري جي ننڊ چئبو آهي. علم حياتيات ۾ ڏيڏر جي سياري واري ننڊ کي هائيبرنيشن (Hibernation) چئبو آهي. ڏيڏر پنهنجو نسل جنسي لڳ واري عمل سان وڌائيندو آهي. ڏيڏر دنيا جي هر خطي ۽ علائقي ۾ اڪثر طور تي ملندو آهي ۽ برساتي موسم ۾ ٽران ٽران ڪندي محسوس ٿيندو آهي. ٽران ٽران جو اهڙو آواز ٻن ڳوٿرين (Vocal Sac) ذريعي پيدا ٿيندو آهي. مينهن ۾ نڪرندڙ وڏي جسامت واري ڏيڏر کي سنڌ جي ڪوهستان واري پاسي ’تاڙو‘ به چوندا آهن، جڏهن ته سنڌ جي ٻين خطن ۾ تاڙو هڪ پکيءَ جو نالو به آهي.