ڏَيو ڏنارام: نـامـور بزرگ ڏيو ولد ڏنارام مهراج، 1836ع ڌاري ڳوٺ تاج محمد ڪانهري، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي ڀڳوان جي ياد ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. هي دنيا جي عيش آرام کان پاسيرو ٿي اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سائي وڻ هيٺان ويهي عبادت ڪندو هو. جڏهن مائٽن مٿس شاديءَ جو زور وڌو ته هن ڳوٺ ڇڏي دادو شهر ۾ پاڻ کي آباد ڪيو. هن بزرگ جي عبادت گذاري ۽ ڪرامتون ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس مريد اچي ٿيا. ڏيو ڏنارام رات ڏينهن عبادت ۾ مشغول هوندو هو، جيڪو سندس مريد ۽ زيارتي نذرانو ڏيندا هئا، سؤ سڀ انهيءَ وقت ئي هندو توڙي مسلمان بيوهه عورتن، يتيمن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هي ٻه ڀيرا پنهنجن مريدن سان گڏ گنگا ڀيٽڻ لاءِ هندستان ويو. هندو کيس رام جي نالي سان سڏيندا هئا. دادو شهر جي اتر ۾ چوڌري مينگھراج جي باغ وٽ گھاڙيءَ جي ڪناري تي چوڌري مينگھراج جي جڳهه هئي، جيڪا پوءِ ڏيو ڏنارام جي حوالي ڪئي وئي، جنهن ۾ هن پوڄا پاٺ لاءِ هڪ مندر پڻ تيار ڪرايو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. سنت ڀڳترام کي پنهنجو پٽ سمجھندو هو. هن سموري عمر ڀڳوان جي عبادت ۾ گذاري. هن 1906ع ۾ ديهانت ڪيو. سندس سماڌي دادوءَ جي مساڻن ۾ آهي.