ڏَڍُ

ڏَڍُ (Eczema): ڏڍ، چمڙيءَ جي اهڙي بيماري آهي جيڪا ڪنهن به عمر واري انسان کي ڪنهن به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي. هيءَ چمڙيءَ جي گهڻ پاسائين ۽ گهڻ رُخي بيماري آهي، جيڪا ڪنهن هڪ شڪل ۾ ظاهر ناهي ٿيندي، ڪڏهن خشڪ هوندي آهي ته ڪڏهن تر، ڪڏهن هن جي مٿان ڇلر ڄميل هوندا آهن ته ڪڏهن ننڍڙا ننڍڙا جهير ٿيندا آهن ته ڪڏهن وري وڏا ڦٽ ٿيندا آهن. هيءَ بيماري تازي هجي يا ڪُهني، پر وچڙندڙ (Contagious) نه آهي. هيءَ مريض جي پنهنجي جسم جي عضون ۾ ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پکڙجي سگهي ٿي، پر ٻين صحتمند ماڻهن ۾ وبا وانگر پکڙبي نه آهي. اڄ تائين اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته ڏَڍُ جي ٿيڻ جا سبب (Aetiology) ڪهڙا آهن.
(الف) ڏڍُ جا قسم (Types of Eczema): هونئن ته ڏَڍُ جا انيڪ قسم آهن، پر بنيادي ڄاڻ لاءِ چمڙيءَ جي ماهرن (Dermatologists) هن بيماريءَ کي بدني هنڌ (Anatomical Location) ۽ ظاهري ڏيکاءَ جي آڌار تي هيٺين اهم قسمن ۾ ورهايو آهي:
(1) ڳاڙهن نشانن واري ڏَڍُ (Eczema Erythemtosum)
(2) ڦلوڪڻن واري ڏَڍُ (Eczema Vesiculosum)
(3) ڳوڙهين واري ڏَڍُ (Eczema Papulosum)
(4) ڦوڦينڊن واري ڏَڍُ (Eczema Pustulosum)
(5) ڳاڙهي ڏَڍُ (Eczema Rubrum)
(6) ڇيلري ڏَڍُ (Eczema Squamosum)
(1) ڳاڙهن نشانن واري ڏَڍُ (Eczema erythem xtosum): هن قسم جي ڏڍُ عمر جي هر حصي ۾ ٻاروتڻ کان وٺي پيريءَ تائين نڪرندي آهي، پر گهڻن کي هيءَ ڏڍُ اڌ وهيءَ ۽ پيريءَ ۾ نڪرندي آهي. هن قسم جي ڏڍُ، منهن، هٿن ۽ پيرن جي ترين ۽ جنسي عضون تي نڪرندي آهي. هن ڏڍُ جي نڪرڻ کان اڳ ۾ ان جاءِ تي پهريائين خارش ٿيندي آهي، جنهن کي کنهڻ کان پوءِ ان هنڌ تي چلڪندڙ ڳاڙهو نشان ٿيندو آهي، پوءِ ننڍڙين ننڍڙين ڦرڙين جي سنهي ٻوار ظاهر ٿيندي آهي، جيڪا گولائيءَ ۾ دائرو ٺاهي (Circumference) بيهندي آهي ۽ انهيءَ دائري جي چمڙي سخت ۽ کهري ٿي ويندي آهي. جنهن جي مٿان يا ته ڇلر ٺهي بيهندا آهن يا ڏَڍُ ۾ جهير ٿيندا آهن، يا وري ڪڏهن ڪڏهن انهن مان رڳو سُتُ پيو ڳڙندو آهي، جڏهن ڏڍُ مان سُتُ ڳڙندو آهي ته ڏڍُ ۾ گهڻي باهه ۽ ڇتي خارش ٿيندي آهي ۽ مريض خارش ڪري، ڏڍُ واري جاءِ مان هٿ ڪڍندو ناهي ۽ زور زور سان کنهندو رهندو آهي، ڏڍُ ۾ ساڙو ۽ خارش موسم جي بدلجڻ تي يعني ٿڌ ۽ گرميءَ تي وڌي ويندي آهي.
(2) ڦلوڪڻن واري ڏَڍُ (Eczema Vesiculosum): هن قسم جي ڏڍُ ننڍن وڏن ٻارن کي مُنهن تي نڪرندي آهي، جڏهن ته نوجوان ماڻهن جي آڱرين، هٿن، ڳچيءَ، بغلن، ٺونٺين ۽ گوڏي جي ٻيڪڙن (Flexures) ۾ نڪرندي آهي. ڏڍُ ٿيڻ کان اڳ ڏڍُ نڪرڻ واري جاءِ تي ساڙو ۽ هلڪي خارش ٿيندي آهي، کنهڻ کانپوءِ اها جاءِ ڳاڙهي ٿي ويندي آهي، دير سوير ان جاءِ تي ڪِوِل (رڪِل Ant) جي مٿي جيترا يا ٻاجهريءَ جي داڻن جيترا داڻا نڪرندا آهن. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن داڻن ۾ شفاف سُتُ ڀرجي ويندي آهي، تنهنڪري چمڙيءَ تي ننڍڙا ننڍڙا ڦلوڪڻا (Vesicles) ٺهي بيهندا آهن، جيڪي اڳتي هلي پاڻ ۾ ملي (Coalesces) ويندا آهن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهي ڦوڦينڊا کنهڻ يا مهٽڻ ڪري ڦِسي پوندا آهن. ڦسيل ڦوڦينڊن مان چنبڙندڙ سُت/ڳاڙهو ڳڙندو رهندو آهي. اهو ست تيزابي به هوندو آهي. جيڪو سُڪي وڃڻ کان پوءِ ڳاڙهي ڳٽول رنگ جو کرنڊ (Crust) ٺاهي بيهندو آهي ۽ پوءِ کرنڊ آهستي آهستي لهي ويندو آهي. کرنڊ لهڻ کان پوءِ چمڙيءَ واري جاءِ ڳاڙهي ٿي ويندي آهي، جنهن کي ڇُهڻ ساڻ اها جاءِ ڏکندي آهي. جيڪڏهن هن قسم جي ڏڍُ ڪُهني ٿي وڃي ته رات جو نوان پاڻيءَ وارا ڦلوڪڻا نڪرندا آهن، جن کي کنهڻ ساڻ ويتر مرض وڌي ويندو آهي. ڪُهني ٿيڻ کان پوءِ هن مرض ۾ ٻه صورتون پيدا ٿينديون آهن: هڪ جڏهن مرض ڇٽڻ تي ايندو آهي ته ان جو ڳاڙهو ڪجهه وقت لاءِ چمڙيءَ تي ڦڪو. خاڪي تهه ٺاهيندو آهي، ان تهه جي هيٺيان واري جاءِ آلي هوندي آهي. انهيءَ آليءَ جاءِ جي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ کرنڊ ٺهي بيهندو آهي، جيڪو بعد ۾ وڏي ڇلر (Scales) جي صورت وٺي بيهندو آهي، ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ ان کي ’ڇيلري ڏڍُ‘ به چئبو آهي. جيستائين وڃي اهو ڇلر ڇنڊ جي ٻيءَ صورت هن ۾ اها پيدا ٿيندي آهي ته اهي ڦلوڪڻا ڳاڙها ڳٽول ٿي ويندا آهن ۽ ٺيڪ نه ٿيندا آهن، تنهنڪري ان کي ’ڳاڙهي (ڳٽول) ڏڍُ‘ چيو ويندو آهي.
(3) ڳوڙهيءَ جهڙي ڏَڍُEczema Papulosum (Lichen Simplex) : هن قسم جي ڏڍُ ۾ ڳوڙهيون ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏيون گول هجن يا چهنبدار، پکڙيل هجن يا گڏ، ڳاڙهيون هجن يا چلڪندڙ ڳاڙهيون هجن. سدائين ٻانهن، ڏوراٺين، ٽنگن، ۽ عضون جي ٻيڪڙن (Flexures) ۾ نڪرنديون آهن. هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو پيٽ تي هن قسم جي ڏڍُ نڪرندي هجي پر مٿي تي ڪنهن به صورت ۾ ناهي نڪرندي، جيڪا علامت هن ڏڍُ کي ٻين قسم جي ڏڍُ کان سڃاڻپ ۾ الڳ ڪري بيهاري ٿي. هن قسم جون ڳوڙهيون اڇي رنگ جون هونديون آهن، جن جي چوٽيءَ تي رت جي ٽُٻڪن وانگي نشان هوندو آهي، جيڪا پڻ هن ڏڍُ جي خاص علامت آهي. هن قسم جي ڏڍُ ۾ ڇتي خارش ٿيندي آهي. کنهڻ تي ڏڍُ جون ڳوڙهيون چوٽيءَ کان ٽُٽي پونديون آهن ۽ انهن تي رت جا ننڍڙا ننڍڙا ڇلر ڄمي بيهندا آهن. جيئن ته هن ڏڍُ ۾ ڳوڙهين ۾ خشڪ ڳوڙهيون هونديون آهن رڳو ڳوڙهين جي منهن (چوٽيءَ) تي رت هوندو آهي، اُهو به گهڻو نه پر ٽٻڪي جيترو هوندو آهي، تنهنڪري ڳوڙهين جي ٽٽي/ڦاٽي پوڻ کان پوءِ انهن ڳوڙهين جي مٿان رت جا ڇلر ڄمندا آهن. جيڪي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کلر ٿي ويندا آهن.
(4) ڦوڦينڊن واري ڏَڍُ (Eczema Pustulosum): هن قسم جي ڏڍُ ٻارن جي منهن ۽ خاص ڪري مٿي تي نڪرندي آهي، وڏن ماڻهن جي سٿرن، ٽنگن جي هيٺين حصن ۾ ۽ ڏاڙهيءَ ۾ به نڪرندي آهي. هيءَ ڏڍُ گهڻو ڪري ســـاڳئـي نمـونـي نڪـرندي ۽ پکـڙبـي آهـي، جيـئـن ڦـلـوڪـڻـن واري ڏڍُ (Vesculosum Eczema) نڪرندي ۽ پکڙبي آهي، پر هن ڏڍُ جا ڦلوڪڻا آهستي آهستي گند سان ڀرجي وڏا ٿي ڦوڦينڊا بڻجي ويندا آهن، جڏهن هي گهڻا وڏا ٿي ويندا آهن ته ڪنهن هڪ هنڌ تي پاڻ ۾ ملي Coalesces ويندا آهن: ڦوڦينڊا وڏا ٿيڻ کان پوءِ پاڻمرادو يا کنهڻ تي ڦاٽي پوندا آهن، جن مان تمام گهڻو چنبڙندڙ سُتُ گند وهندو آهي، جڏهن گند وهڻ بند ٿي ويندو آهي ته اهو سڪڻ کان پوءِ ان جاءِ تي ڦڪي سائي رنگ جو يا ناسي رنگ جو کرنڊ ڄمي بيهندو آهي. جيڪا هن ڏڍُ جي خاص علامت آهي. هي ڏڍُ جڏهن ڪُهني (Chronic) ٿي ويندي آهي ته ڏڍُ ۾ باهه، سور، خارش ۽ سوڄ ٿيندي آهي، ڦوڦينڊن مان گند پيو وهندو آهي، جيڪو گند گهاٽو ۽ چنبڙندڙ هوندو آهي، ان ڪري مريض جا وار هڪ ٻئي ۾ چنبڙي ڳُتجي پوندا آهن. هي مرض جڏهن ٻارن تي زوردار حملو ڪندو آهي ته ٻارن جي مٿي جي چمڙيءَ جي چرٻيءَ وارن غدودن (Sebaceous Glands) تائين هيٺ اثر ڪندو آهي، جنهنڪري چرٻيءَ وارن غدودن مان نڪرندڙ چرٻي ۽ هنن ڦوڦينڊن جو سُتُ گڏجي ٻئي چنبڙندڙ مواد ٺاهيندا آهن، جنهن سان وار هڪ ٻئي ۾ ائين چنبڙي پوندا آهن، ڄڻ ٻارن جي مٿي کي لُپري (Poultice) لڳل هجي، ڪجـهـه ڏيـنهــن کان پــوءِ ان لـپــريءَ جـهـڙي مـواد مـان ڍونــڍ جــهـڙي ڇَــٽ (Rancidodor) ايندي آهي، جيڪا ڏڍُ جي مهلڪ حالت هوندي آهي.
(5) ڳاڙهي (ڳٽول) ڏَڍُ (Eczema Rubrum): هن قسم جي ڏَڍُ سمورن قسمن جي ڏَڍُ جو مهلڪ نمونو آهي، جڏهن مٿين سڀني قسمن جي ڏَڍُ خاص ڪري ڦلوڪڻن ۽ ڦوڦينڊن وارين ڏَڍُ جو صحيح علاج نه ٿيندو آهي ۽ مريض ۾ گهڻي عرصي تائين ٻئي بيماريون قائم رهي ڪُهنيون بڻجي پونديون آهن ته هن قسم جي ڏَڍُ ٿي پوندي آهي. هيءَ ڏَڍُ ڳاڙهي ڳٽول رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. منجهس سوڄ هوندي آهي ۽ چمڙيءَ ۾ اندر تائين وِر ڪري ويندي آهي: جنهن مان چنبڙندڙ، گرم ۽ خارش ڪندڙ سوت/ ٽشو ۽ رت پيو وهندو آهي ۽ آخر ۾ ڏَڍُ جي مٿان کرنڊ ڄمي بيهندو آهي، جيڪو پڻ ڳاڙهي رنگ جو هوندو آهي. هن قسم جي ڏَڍُ ٻارن جي منهن تي، نوجوان ۽ اڌڙوٽ ماڻهن جي ٽنگن، چتڙن/ٻنڊڻن، نهائينءَ ۽ عضون جي ٻيڪڙن (Flexures) ۾ نڪرندي آهي، جنهن سان لاڳيتو چنبڙندڙ، گرم، خارش ڪندڙ ٽُشو ۽ رت پيو ڳڙندو آهي، جيڪا هن قسم جي ڏڍ جي بنيادي ۽ خاص علامت آهي.
(6) ڇيلري ڏَڍُ (Eczema Squamosum): هن قسم جي ڏَڍُ ڳاڙهن نشانن واري ۽ ڳوڙهين واري ڏَڍُ جو ڪُهنو قسم آهي. هن قسم جي ڏَڍُ ۾ سُتُ به ڳڙندو آهي ۽ ان تي ڇلري به چڙهندا آهن جيڪي ڇلر اڇي يا ڀوري خاڪي رنگ جا سنها تهه جوڙيندا آهن، ۽ اهي ڇلر ۽ تهه هڪ ٻئي ۾ چنبڙيل هوندا آهن. ڳاڙهن نشانن واري ڏڍُ جڏهن ڪهني ٿي وڃي ۽ ان جو علاج نه ڪرايو وڃي ته اوس هن قسم جي ڏَڍُ ٿي پوندي آهي، پر هونئن به ڏٺو ويو آهي ته هر هڪ ڏَڍُ جڏهن پراڻي ٿيندي آهي يا ختم ٿيڻ تي لڳندي آهي ته ان جي مٿان ڇلر ڄمندا آهن.


لفظ ڏَڍُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو