ڏٺون يا ڏٺ پروليون

ڏٺون يا ڏٺ پروليون: ’ڏٺ‘ لوڪ ادب جي هڪ صنف آهي، جنهن موجب ڪا وِٿ، ڪو سٽاءُ، يا ڪو واقعو ڏسي هنرمنديءَ سان نظم ۾ ان جا اهڃاڻ ڏيئي ’پرولي‘ راس ڪجي ته اهڙي پروليءَ کي ’ڏٺ‘ يا ’ڏٺ پرولي‘ چئبو آهي. جيڪڏهن شيءِ هڪ آهي ۽ ان جي اهڃاڻن کي رمز سان بيان ڪيو ويو هجي ته اها نسبتاً عام فهم ’ڏٺ يا ڏٺ پرولي‘ سڏجي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق اندازاً سئو ٻه سئو سال کن اڳ، سنڌ جي سگهڙن ’ڏٺن‘ جي ڏي وٺ کي پنهنجي رهاڻ ذريعي ڪافي فروغ ڏنو ۽ اکين سان ڏٺل شين يا واقعن کان وک وڌائي، خيالي واقعا تصور ۾ رکي ڏٺون جوڙيائون، جيڪي پوين سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي محفوظ رهيون ۽ اڃا تائين لوڪ ادب ۾ رائج رهنديون پيون اچن. ڏٺ پروليون هيٺينءَ ريت هونديون آهن: قد ڪوٽ، پڇ ڊگهي، نالي چڱي نار، هر ڪنهن پکيءَ پر ٻه، هن پکيءَ پر چار، ڪُهينس ته رت نه نڪري، جنهن جو ماس ناهي درڪار، جڏهن چڙهي، شوق شڪار، ته نر ماري ٿي نار. (ڀنڀوري) ڪاري ڪڪر گوڙ سان، ٿو ڏهاڙي وَسي، نڪا ڦڙي آبَ جي، نڪو ريج رُسي، اُن جي وس پسي، عالم ئي آباد رهي. (چنڊ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو