ڏٿ

ڏٿ

ڏٿ

ڏٿ: ٿر ۾ قدرتي طور ٿيندڙ ڀاڄين کي ڏٿ سڏيو وڃي ٿو. ٿر ۾ برسات کانپوءِ ۽ عام مندن ۾ وڻن توڙي زمين تي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ کاڌي جون عام شيون: ڀُرٽ، چڀڙ، ميها، کنڀيون، پِپون، مريڙو، لُلُر، لنب، ڦوڳ، گولاڙا، ڳاڱيون، ڏؤنرا، سانئون، پَڪا، سڱر، پيرون، پُسيون، ڊگري، آراڙي، لگامي، ۽ ٻيو گاھہ وغيرہ ڏُٿ ۾ شامل آهن. ٿر جا ماڻهو اڪثر ڏٿ چونڊي هڪ مند کان ٻيءَ مند تائين ڪالرن ۽ سَٿن (دَنن/ ڪالرن) جي صورت ۾ ڍَڪي، چ‍ؤطرف واڙ ڏئي، سنڀالي رکندا آهن، پوءِ سارو سال ان تي گذران ڪندا آهن. برسات کانپوءِ ڪي قدرتي جهنگلي گاھہ بہ پاڻمرادو اڀرندا آهن، جن جو ٻج ڪڍي ڪتب آڻبو آهي. جنهن کي بہ ڏُٿ سڏيو ويندو آهي.
سال جي جدا جدا موسمن ۾ جدا جدا قسمن جا ميوا ۽ ڀاڄيون ٿينديون آهن، جيڪي ڏُٿ ڪري ليکبيون آهن. ڏٿ تي گذارو ڪندڙن کي ’ڏوٿي‘ چئبو آهي. ڏٿ جهنگ جي قدرتي پيداوار آهي، جنهن تي ڪنهن جي بہ مالڪي ناهي هوندي ۽ ڪنهن جو بہ پئسو خرچ ناهي ٿيل هوندو. ان ڪري ٿر جا ماڻهو انهيءَ مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا آهن. شاھہ لطيف ڏٿ جو ذڪر ڪندي چيو آهي:
’آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿُ ڏيهاڙي سومرا.‘


لفظ ڏٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو