ڏڦو: هيءُ قديم دؤر جي ماڻهن پاران ايجاد ڪيل شڪار جو هڪ اوزار آهي، جنهن سان ماڻهو جهنگلي جانورن جو شڪار ڪندا هئا. هي چار پنج فوٽ ڊگهي ڪاٺي ٿئي ٿي، جنهن جي هڪ پڇڙ تي لوھہ يا ٽامي جو تير وانگر چهنبيارو ڏگو لڳل هوندو آهي، جيڪو تيز ڌار سان هوندو آهي، جڏهن تہ هن جي ٻئي ڇيڙي ۾ هٿ وجهڻ لاءِ مٺيو هوندو آهي. هن هٿيار سان شڪار کي پنجن ڇھن فوٽن تي سڌو مارُ ڪري، ان جي پيٽ ۾ ڏگو ٽنبي، ان کي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. شڪار جيئن ئي زخمي ٿيندو هو تہ اوائلي دؤر جا ماڻهو ان جي ويجهو وڃي ڦاسائي ويجهو آڻيندا هئا. ڪنهن سمي ڏڦو وڏي شڪار جو اوزار هو. هن اوزار کي استعمال ڪندڙن کي ’ڏڦير‘ سڏيندا آهن. اڄ تائين بہ ڪچي جي علائقي ۾ سوئرن جو ڏڦي سان شڪار ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري ماڇي قبيلو هي شڪار ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. وڏيرا کانئن ڏڦي سان شڪار ڪرائيندا آهن، جيڪو وڏي ڪاريگريءَ جو عمل آهي. ڏڦيرَ ماهر شڪاري هوندا آهن، پر سماجي هيٺ- مٿانهينءَ واري ڪُڌي رواج سبب ڪڏهن ڪڏهن نفرت مان بہ ’ڏڦير‘ لفظ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. منڇر ڍنڍ ۾ بہ هن ڏڦي سان مڇيءَ جي شڪار جو ڪجهہ سال اڳ تائين رواج هو ۽ ان لاءِ ٻيڙين ۾ ڏڦا رکيل هوندا هئا.