ڏکايل، غلام حيدر ڪلهوڙو: نامياري شاعر غلام حيدر ’ڏکايل‘ ڪلهوڙي جو پورو نالو علي حيدر ولد محمد صادق ڪلهوڙو هو، سندس جنم 1932ع ڌاري پير جي ڳوٺ لڳ نئين ديري ۾ ٿيو. هن پرائمريءَ تائين تعليم حاصل ڪئي، اٽڪل 20 سالن جي ڄمار کان شعر و سخن جي ميدان ۾ پير رکيائين، سندس شمار اهڙن شاعرن ۾ ٿيندو هو، جيڪي مشاعرن توڙي ڪتابي دنيا کان پري پنھنجي مُنهن سان مختلف گيتن، غزلن ۽ ڪلامن جي طرزن تي شعر لکندا آهن. غلام حيدر ’ڏکايل‘ جيتوڻيڪ شاعريءَ جي باقاعدہ تربيت ڪنهن کان ڪا نہ ورتي، پر اُن هوندي بہ سندس اسلوب ايترو تہ پڪو ۽ پختو هو، جو سندس شعر ۾ عروضي گهرجون تقريباً پوريون هونديون هيون. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا: (1) ’سڄڻ جا سور‘ ۽ (2) ’سورن سٿ‘ 1980ع ڌاري ڇپجي منظر عام تي آيا. ان کانسواءِ سندس شاعري ڪيترن فنڪارن پنھنجي آواز سان ڳائي آهي، جن جون آڊيو ڪئسٽون بہ موجود آهن. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي بہ نشر ٿي چڪو آهي. غلام حيدر ’ڏکايل‘، سر شاهنواز ڀٽو شگر مل نئين ديري ۾ ملازم هو ۽ 28 نومبر 1991ع تي وفات ڪيائين.