
ڏکيو ڏيهه، سندر سپنا
ڏکيو ڏيھہ، سندر سپنا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور صحافي ۽ ڪهاڻيڪار آزاد جتوئيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو حسينہ آزاد سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ آزاد جتوئيءَ جون مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. جڏهن تہ ڪتاب جي شروعاتي 27 صفحن تي سنڌ جي مختلف اديبن ۽ شاعرن جا ليکڪ بابت تاثرات شامل ڪيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب 126 صفحن تي مشتمل آهي. رنگين پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ ڪجهہ تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب مومل پبليڪيشنز ڪراچيءَ پاران 2011 ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.