ڏکڻ آفريقا جو جھنڊو

ڏکڻ آفريقا جو جھنڊو

ڏکڻ آفريقا

ڏکڻ آفريقا

ڏکڻ آفريقا

ڏکڻ آفريقا: هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه ڏکڻ آفريقا آهي. هيءُ ملڪ جيئن تہ آفريقا کنڊ جي ڏکڻ ۾ آخري ڇيڙي تي آهي، تنهنڪري هن کي ڏکڻ آفريقا جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ملڪ جي اتر ۾ نميبيا، بوٽسوانا ۽ زمبابوي ۽ اوڀر ۾ موزمبيق، سئيزر لينڊ ۽ هندي سمنڊ، ڏکڻ ۾ هندي سمنڊ ۽ اولھہ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ آهي. هن جي اوڀر کان اولھہ طرف ڊيگهہ 1625 ڪلوميٽر (1010 ميل) ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ويڪر 1408 ڪلو ميٽر (875 ميل) آهي. ڏکڻ آفريقا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 31 مئي 1961ع آهي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پريٽوريا (انتظامي) ۽ ڪيپ ٽائون (آئيني) آهن. هن جي چورس پکيڙ 1221037 ڪلوميٽر آهي، جڏهن تہ هتان جي آبادي 2011ع جي انگن اکرن مطابق 50586757 آهي. هتان جي ڪرنسي جو نالو رينڊ آهي. انتظامي طور هيءُ ملڪ 9 صوبن ۾ ورهايل آهي. هتان جون سرڪاري ٻوليون آفريقي ۽ انگريزي آهن. نگوني، سوٽو ۽ ٻيون مقامي ٻوليون بہ هتي ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي عيسائي 72 سيڪڙو، ظاهر پرست (Naturalist) 10 سيڪڙو، مسلمان 5 سيڪڙو ۽ هندو 2 سيڪڙو آهن. ڏکڻ آفريقا کي گڏيل قومن جي اداري (يو. اين. او) ۾ ميمبر شپ 7 نومبر 1965ع تي ملي. هتان جي وڏن شهرن ۾ جوهانسبرگ، ڊربن، بلوم، فونٽين، پورٽ ايلزبيٿ، ايسٽ لنڊن، جرمسٽن، اسپرنگن، پيٽرزبرگ، ڪرون اسٽاڊ ۽ ڪمبرلي آهن. سڀ کان مٿاهون هنڌ شمپن ڪاسل (بلندي: 3375 ميٽر) آهي.
ڏکڻ آفريقا کي جاگرافيائي طور ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اندريون مٿاهون پَٽ، جنهن کي جبلن گهيري رکيو آهي، تنهن جي اوچائي 5 هزار کان 11 هزار فوٽن تائين آهي. ڪناري جو ميدان هڪ سوڙهي پٽي آهي، ملڪ جو گهڻي ڀاڱي علائقو سرسبز ۽ ٻيلن تي مشتمل آهي. هتي لمپوپو ۽ وال جي نالي سان وڏا درياھہ آهن. ڪناري جي ڊيگهہ 2881 ڪــلوميـٽـر (1971 ميل) آهي. هتان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ مڪئي، ڪڻڪ، ڪمند، تماڪ، انگور، پٽاٽا، کٽا ميوا، صوف ۽ ڀاڄيون وغيرہ شامل آهن. هتي لوھہ، موٽر گاڏين جي مشينري، ڪيميائي شين، ٽيڪسٽائيل، ڌاتو، ڪاغذ، سگريٽن، پرنٽنگ جي سامان، خوراڪ ۽ مشروبات جون صنعتون موجود آهن. هتان جي مکيہ معدنيات ۾ هيرا، سون، ڪوئلو، ٽامو، يورينيم، پلاٽينيم، ڪچو لوھہ، نڪل، ٽن، ناڊيم، ڪروميم، فلورائيٽ، فاسفيٽ، لوڻ ۽ چن شامل آهن. هتي 42 هوائي اڏا آهن، هن ملڪ جي قومي هوائي ڪمپني ’سائوٿ آفريقي ايئروينڊ‘ آهي. هتي 21300 ڪلو ميٽر ڊگهي ريلوي لائين بہ آهي. هتان جي وڏن بندرن ۾ ڪيپ ٽائون، موسل بي، پورٽ الزبيٿ، ايسٽن لنڊن، ڊربن، سالڊنها ۽ رچرڊز بي شامل آهن.
هتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيد آف گورنمينٽ) سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن وسيلي چونڊيو ويندو آهي. بعد ۾ ڪابينا ۽ ٻين نائب صدرن جي چونڊ پاڻ ڪندو آهي. قانونسازيءَ جو اختيار بہ پارليامينٽ جي ايوان کي حاصل آهي، جيڪا 400 ميمبرن تي ٻڌل آهي ۽ سينيٽ 90 ميمبرن تي مشتمل آهي. قومي اسيمبليءَ جا ميمبر عوام جي ووٽن سان 5 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن، جڏهن تہ سينيٽ جا ميمبر رياستي اسيمبلين مان چونڊيا ويندا آهن. هڪ صوبائي اسيمبليءَ مان 10 سينيٽر چونڊيا ويندا آهن. هر رياست جي اڳواڻ کي وزير اعظم چيو ويندو آهي، جيڪو پنھنجي اسيمبليءَ ذريعي چونڊيو ويندو آهي. هن وقت ڏکڻ آفريقا جو صدر جيڪب زوما آهي. ڏکڻ آفريقا جي مجلس قانونساز (پارليامينٽ) ڪيپ ٽائون ۾ آهي. صدر مملڪت جي مرڪزي آفيس پريٽوريا ۾ آهي. سپريم ڪورٽ جي مُکيه آفيس بلوم فونٽين ۾ آهي. ان لحاظ کان هيءُ شھر قانوني طور هتي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
ڏکڻ آفريڪا ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو واپار سانگي لڏي وڃي ويٺا آهن، تن مان اڪثريت سنڌي، ڪڇي، گجراتي وغيرہ ڳالهائيندڙن جي آهي.


لفظ ڏکڻ آفريقاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.05.31  عيسوي

ڏکڻ آفريقا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 31 مئي 1961ع آهي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پريٽوريا (انتظامي) ۽ ڪيپ ٽائون (آئيني) آهن.


1965.11.07  عيسوي

ڏکڻ آفريقا کي گڏيل قومن جي اداري (يو. اين. او) ۾ ميمبر شپ 7 نومبر 1965ع تي ملي.



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سفارتڪار
برونئي
جيبوتي جبوتي
ڏکڻ آمريڪا
تبت
بازنطيني سلطنت
افغانستان
سوئيڊن
روس
سوئيزرلينڊ
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون