
ڏکڻ آمريڪا
ڏکڻ آمريڪا (South America): آمريڪا جي ڏکڻ واري حصي کي ’ڏکڻ آمريڪا‘ سڏجي ٿو، جيڪو اولھہ اڌ گول، گهڻو ڪري خط استوا جي ڏکڻ اڌ گول وٽ آهي جنهن جو ڪجهہ حصو اتر گول ۾ بہ اچي ٿو. هي خطو آمريڪا کنڊ جو حصو آهي. هن جي اولھہ ۾ اسپسفڪ سمنڊ ۽ اتر اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. اتر آمريڪا ۽ ڪيمبرين سمنڊ هن جي اتر اولھہ ۾ آهن. هن خطي ۾ ايندڙ ملڪن ۾ ارجنٽائين، بوليويا، برازيل، چلي، ڪولمبيا، ايئوڊور، گوانا، پارا گوي، پيرو، سورينيم، اوروگي ۽ وينزولا آهن. جڏهن تہ فرانس جا ڪجهہ ٻيٽ ۽ برطانيہ جا فالڪنڊ ٻيٽ بہ اچي وڃن ٿا. ان کان علاوہ اي. بي. سي جا ٻيٽ ۽ نينڌر لينڊس بہ ڏکڻ آمريڪا جو حصو سمجهيا وڃن ٿا. ڪيمبرين سمنڊ سان لڳندڙ ملڪ ڪولمبيا، وينزولا، گوانا، سورينيم ۽ فرانسي گوآنا کي ’ڪيمبري ڏکڻ آمريڪا‘ سڏجي ٿو.
ڏکڻ آمريڪا ڪل 17840000 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل خطو آهي، جنهن ۾ 2005ع جي آدمشماري موجب 371090000 ماڻهو رهن ٿا. ڏکڻ آمريڪا ايراضيءَ جي حساب سان دنيا جو چوٿون نمبر ۽ آدمشماري جي لحاظ کان پنجون نمبر ملڪ آهي.