ڏکڻ اوڀر ايشيا

ڏکڻ اوڀر ايشيا (South East Asia): ٻيٽ نما هيءُ علائقو هندي سمنڊ ۽ بحرالڪاهل جي وچ ۾ دنيا جي نقشي تي 7 درجن کان وٺي 29 درجن تائين ويڪرائي ڦاڪ تي اتر تائين ۽ 90 کان 142 درجا ڊگهائي ڦاڪ اوڀر تائين پکڙيل آهي. هن ۾ برما، ٿائيلينڊ، لائوس، ڪمبوڊيا، لائوس، ويٽنام، سينگاپور، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ فلپائن جا ملڪ شامل آهن. هن علائقي جي ڪل ايراضي 500، 738، 1 چورس ميل آهي. هيءُ علائقو خط استوا جي آرپار ڦهليل آهي، تنهنڪري آبهوا جي لحاظ کان هيءُ گهميل ۽ گرم آهي. هيءُ خطو گهڻو ڪري طوفانن جي زد ۾ رهي ٿو. هن جو جابلو سلسلو گهڻو ڪري اتر کان ڏکڻ طرف هلي ٿو. هتي ڪافي ٻيٽ آهن. زرعي مٽيءَ جا درياهي ميدان بہ آهن، هتي ٿيندڙ اهم فصلن ۾ چانو، ڪمند، مڪئي، تماڪ، ڪاٺ، چانھہ، سڻي ۽ ناريل وغيرہ شامل آهن. هتي ملندڙ معدنيات ۾: پئٽرول، ميگنيز، جست، چاندي، قلعي، سون، قيمتي پٿر، هيرا، لوھہ، جابلو لوڻ، ٽامون، ڪروميم فاسفيٽ، رٻڙ وغيرہ شامل آهن. ايشيا وارو زميني خطو، مغرب جي مقابلي ۾ غير ترقي يافتہ تصور ڪيو وڃي ٿو. هتي آبادي گهڻي ۽ تعليم گهٽ آهي. هيءُ فوجي لحاظ کان اهم علائقو هجڻ سبب هميشہ وڏين طاقتن جي اک ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو