
ڏکڻ ايشيا
ڏکڻ ايشيا(South Asia) : ايشيا جو ڏکڻ وارو علائقو جنهن جون اتر واريون حدون هماليہ جبل جي سلسلي سان ملن ٿيون ۽ ان جي ڏکڻ ۾ هندي سمنڊ آهي. هن جي ڏکڻ اوڀر ۾ خليج بنگال، اوڀر ۾ برما، ڏکڻ - اولھہ ۾ عربي سمنڊ ۽ اولھہ ۾ افغانستان ۽ ايران واقع آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان، سري لنڪا ۽ مالديپ جا ٻيٽ اچي وڃن ٿا. هن وقت افغانستان، ايران ۽ برما کي بہ ڏکڻ ايشيا جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ڀارت جي ڀرپاسي وارا ٻيٽ بہ هن علائقي ۾ شامل آهن. هن خطي جا ٻہ ملڪ نيپال ۽ ڀوٽان تمام مٿاهين برفاني پهاڙن تي واقع آهن، اتان نڪرندڙ وڏا وڏا درياھہ پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش مان گذرن ٿا. پاڪستان جو سڀ کان وڏو درياھہ ’سنڌو درياھہ‘ (جيڪو پنھنجي مغربي ۽ مشرقي معاون درياهن سان گڏ وهندو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو ) بہ هتان ئي نڪري ٿو. ڀارت جي وڏي ’گنگا‘ درياھہ جو اڀرندو ۽ الھندو حصو بہ ڏکڻ ايشيا مان وهندو خليج (بنگال) ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءُ درياھہ بہ پنهنجن ڀرتي ڪندڙ درياهن سان گڏ وهي ٿو. بنگلاديش هن خطي جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽائي علائقو آهي. ’برهمپترا‘ ۽ ’گنگا نديءَ‘ بنگلاديش جي ڌرتيءَ کي جنم ڏنو آهي. ڏکڻ ايشيا جو ميداني علائقو نهايت زرخيز آهي. هتان جي زراعت درياهن جي لَٽَ سبب شاندار ٿئي ٿي. ڏکڻ ايشيا دنيا جي نقشي تي هڪ درجي کان 37 درجا اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 62 درجن کان 97 درجا اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ پکڙيل آهي. هيءُ علائقو 20 لک چورس ميلن تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ دنيا جي ڪل آباديءَ جو چوٿون حصو رهي ٿو. آباديءَ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو حصو آهي.
آبهوا جي لحاظ کان هي ڪو خوشگوار خطو نہ آهي. ڪن علائقن ۾ برسات جي گهٽ پوڻ سبب هتي ڪي صحرائي ڀاڱا بہ ٺهيا آهن، پوءِ بہ ’چيرا پونجي‘ اهڙو علائقو آهي، جتي گهڻي ۾ گهڻي بارش پوي ٿي، تنهنڪري دنيا جي برساتي علائقن ۾ هن کي پهريون نمبر ڳڻيو ويو هو. چيرا پونجي ۾ ساليانو 450 انچ بارش پوي ٿي. سانوڻ جي هوائن سبب ڏکڻ ايشيا جي آبهوا آگسٽ کان سيپٽمبر تائين ڪجهہ خوشگوار ٿئي ٿي. دنيا جي قديم تهذيبن مان ’سنڌو تھذيب- موهن جو دڙو‘ بہ هن کنڊ ۾ آهي.
هتان جي اهم زرعي فصلن ۾ ڪڻڪ، چانور، جوئر، ٻاجهري، چڻا، سڻي، ڪپھہ، ڪمند، تماڪ، مڪئي، چانھہ، ڪافي، سورج مکي، ناريل ۽ ميون جا انيڪ قسم ٿين ٿا. جڏهن تہ ڪوئلو، لوھہ، قدرتي گئس، پئٽرول، مئگنيز، ڪرومائيٽ، ابرق، قدرتي لوڻ، جپسم، چن جو پٿر، ٽامون، سون، چاندي، هيرا، گرينائيٽ ۽ لگنائيٽ وغيرہ هن کنڊ ۾ شامل ملڪن جي اهم معدنيات آهي.