ڏگو: ڏگو، موسيقيءَ جي ماڙيچا گهراڻي جي ذات آهي. هن ذات وارا گهڻا تڻا حيدرآباد ضلعي ۾ رهن ٿا. مڱڻهارن ۾ بہ هڪ پاڙو هن نالي سان مشھور آهي. هن ذات وارا ماڻهو راجسٿان ۽ سنڌ جي ٿر ۾ گهڻا رهن ٿا، جتي هو ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو ڪم بہ ڪن ٿا. هن ذات مان استاد نورمحمد ڏگو مشھور طبلي نواز ٿي گذريو آهي.
دل قبيلي جي لنجا شاخ مان پڻ هڪ پاڙي جو نالو ڏگو آهي.