
ڏگو غريب الله
ڏگو، غريب ﷲ: غريب ﷲ ڏگي جو جنم 6 فيبروري 1957ع تي جمال شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو احمد نواز آهي. استاد احمد نواز غلام حسين ٻوڌراڻي جو نياڻو بہ آهي. غريب ﷲ گهڻو وقت سنڌ جي ناليواري موسيقار استاد غلام عليءَ سان گڏ رهيو آهي ۽ خاص ڪري پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر جي پروگرام ’پرک‘ ۾ نال وڄائيندو رهيو آهي. 1981ع ۾ ثقافت کاتي پاران عراق، ورلڊ ڪلچر شو ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ ويو، ان دور ۾ عراق جو صدر صدام هو، عراق جي ٽوئر ۾ استاد محمد يوسف ۽ عزيز بلوچ سميت ٻيا ڪيترائي گائڪ ويا هئا، جتي غريب ﷲ ڍولڪ وڄائڻ جا فرض سرانجام ڏنا.
غريب ﷲ هڪڙو نئون ساز بہ ايجاد ڪيو آهي. هي ساز قديم سازن جو هڪ جديد روپ چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي نامور دانشور ۽ محقق محمد ابراهيم جويي هن ساز کي تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ هن ساز جو نالو ’گهڙولي‘ رکيو ويو آهي. هن ساز کي سنڌ جي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو
آهي ۽ سندس تخليقڪار کي داد ڏنو آهي. غريب ﷲ جو ايجاد ڪيل هي ساز هر سال شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۽ حضرت قلندر شھباز ڪانفرنس جي موقعي تي وڄايو ويندو آهي.
غريب ﷲ خان، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موسيقيءَ واري شعبي ۾، هن ساز وسيلي، موسيقار طور پنهنجون خدمتون ڪافي عرصي کان سرانجام ڏئي رهيو آهي.