ڏگو، نور محمد

ڏگو، نور محمد

ڏگو نور محمد

ڏگو، نور محمد (طبلي نواز): مشھور طبلي نواز، نـور محمد ڏگـو، پهرين جنوري 1944ع ۾ جمال شاھہ جي پڙ حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس والد استاد حيدر بخش خان ڏگو وقت جو وڏو طبلي نواز ٿي گذريو آهي، جڏهن تہ سندس چاچو استاد منگل خان نامور سُرندي نواز هو. سندس سؤٽ خميسو خان هارمونيم جو وڏو وڄوت ۽ طبلي وڄائڻ جو ماهر ليکيو ويندو هو. استاد حيدر بخش ۽ منگل خان گراموفون ڪمپنيءَ جا مصروف سازندا هئا. سکر ۾ معصوم شاھہ جي مناري هيٺان سيدن جي پاڙي ۾ رهندا هئا. هنن ڀڳت ڪنوررام سان بہ ڪافي عرصو سنگت ڪئي هئي.
نور محمد خان ننڍي هوندي پنھنجي پيءُ کان طبلي جا اوائلي سبق ورتا ۽ ننڍپڻ ۾ ئي طبلو وڄائي نالو ڪڍيائين. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس سؤٽ خميسي خان کيس وڌيڪ تربيت ڏئي طبلي جو رياض ڪرايو. جـلـد ئي پاڻ حيدرآباد ۾ سيد جمال شاھہ جي درگاھہ جي اڱڻ ۾ طبلو وڄائي داد حاصل ڪيائين. جمال شاھہ جي پڙ ۾ موسيقار ماسٽر غلام علي، فيروز گل، امداد حسين، امانت گل، رجب علي رضا ۽ لعل بخش کانسواءِ هر ساز جا وڏا وڏا سازندا ۽ گَويا رهندا هئا. ان زماني ۾ هن پِڙ تان داد حاصل ڪرڻ فخر جو ڪارڻ هو. هن ترت پوءِ دهلي گهراڻي جي بزرگ طبلي نواز استاد رسول بخش خان عرف چيف خان جي شاگردي اختيار ڪئي ۽ مختلف گائڪن جي سنگت ۾ طبلو وڄايو، جن ۾ استاد امانت علي خان، فتح علي خان، زاهده پروين (ڪافيءَ جي راڻي)، گل بانو، خورشيد بيگم وغيرہ اچي وڃن ٿا.
نور محمد ڏگو، 1962ع ڌاري استاد امانت علي فتح علي سان گڏ بمبئيءَ ۾ هڪ ڪلاسيڪي راڳ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، جتي سندس ملاقات مشھور طبلي نواز الھہ رکا خان سان ٿي، جنهن کيس مشھور موسيقار مدن موهن سان سندس گهر ۾ ملاقات ڪرائي. اتي بہ رس رهاڻ جي محفل رکيل هئي ۽ هندستان جا وڏا فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيا هئا، جن ۾: لتا منگيشڪر، آشا ڀونسلي ۽ موسيقار رويندر جين (جنهن جي فلم ’رام تيري گنگا ميلي هوگئي‘ مشھور ٿي) موجود هئا، انهيءَ محفل ۾ استاد نور محمد خان سڀني سان طبلي تي سنگت ڪئي هئي.
1965ع جي پاڪ- هند جنگ دوران کوکرا پار سرحد تي فوجين جا حوصلا وڌائڻ لاءِ حيدرآباد مان ويل جٿي ۾ نور محمد بہ شامل هو، جڏهن تہ ٻين فنڪارن ۾ مائي مختياري بيگم (جيڪا فلم اسٽار نيلُو جي ماءُ هئي ۽ ريـڊيــو تي ڳائيندي هئي) بہ شامل هئي. ان وقت هارمونيم جا وڄتا غــلام رسـول خـان ڏگــو (مرحــوم)، عطا محمد خان ڏگو، لکي ناز، اســتـاد لعل بخش خان ۽ ٻيا شامل هئا، اتي استاد نور محمد مک طبلي نواز طور شرڪت ڪئي. 2011ع ڌاري حيدرآباد جي سوچي پاڙي، کاهي روڊ تي پنھنجي نالي سان موسيقيءَ جي اڪيڊمي قائم ڪيائين.
سندس شاگردن ۾ دانش، گڙداس گومند، نياز حسين، ظفر علي ۽ ٻيا ڪيترا موسيقيءَ جي تربيت وٺي چڪا آهن، کيس چار پٽ آهن، جن مان نياز حسين موسيقار آهي، ٻيو پٽ ظفر علي آڪٽوپيڊ (ڊرم) وڄائيندو آهي ۽ شمن علي ميراليءَ جي سنگت ۾ آهي.
نور محمد ڏگو، مئي 2012ع ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.01.01  عيسوي

مشهور طبلي نواز، نـور محمد ڏگـو، پهرين جنوري 1944ع ۾ جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عصمت ﷲ عرف راجو پٺاڻ
بيبي راستي
جوڻيجو جان محمد
دولت خان لوڌي
بحر وڇاڻي
جتوئي عاشق حسين
شاهنواز ڀٽي
فاروق احمد خان لغاري
استاد نصرت فتح علي خان
قادر مگسي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون