
ڦاٽ
ڦاٽ: درياھہ مان ڦٽي/ڦاٽي نڪتل گهاري يا وڏي واهڙ کي ڦاٽ چئبو آهي. سنڌو درياھہ کي بند ٻڌي آبپاشي نظام سڌارڻ کان اڳ ان مان ڪيترائي ڦاٽ وهندا هئا. درياھہ کي سنوت ۾ آڻڻ کان پوءِ به، جتان ڦاٽ وهندا هئا، اهي جايون ڦاٽ جي نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترائي ڦاٽ مشھور آهي. مينھن جو پاڻي جبلن کي چيري نڪرندو آهي، ان کي بہ ڦاٽ چيو وڃي ٿو.
ڦاٽڪ: ڦاٽڪ لفظ جي معنيٰ ڪنھن لڪ يا ڪوٽ وغيرہ مان نڪرندڙ لنگهہ يا وڏو دروازو آهي. ڪنھن بہ شھر يا ڳوٺ جي لنگهہ تان گذرندڙ ريلوي پٽڙي تي بہ ڦاٽڪ هوندا آهن. اتي پٽڙيءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا لوهي دروازا لڳل هوندا آهن. ڦاٽڪ تي هڪ ماڻهو مقرر ٿيل هوندو آهي، جنھن کي ’ڦاٽڪ وارو‘ يا ’ڦاٽڪدار‘ سڏيو ويندو آهي. اهو ريل جي اچڻ کان ڪجهہ دير پھرين ڦاٽڪ جا ٻئي دروازا بند ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن ريل جي گذرڻ مھل ڪنھن حادثي کان بچي سگهجي. ريل جي گذري وڃڻ کان پوءِ دروازو کولي رستو بحال ڪندو آهي. جن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ريل جا ڦاٽڪ آهن، گهڻو ڪري تہ انهن علائقن جو نالو ئي ڦاٽڪ پئجي ويندو آهي.