
ڦاڙهو
ڦاڙهو: ان جانور جو انگريزيءَ ۾ نالو هاگ ڊيئر (Hog Deer) ۽ سائنسي نالو ايڪسز پورسينس (Axis porcinus) آهي. ان جو کاڌو گاھہ، وليون ۽ وڻن جا پن وغيرہ آهن. ڦاڙهي جو قد 44 کان 46 انچ ڊگهو ٿيندو آهي، جڏهن تہ مُنڍيءَ کان پڇ تائين جي ڊيگهہ 6 فٽ هوندي آهي. ڦاڙهو جهنگ ۾ پنھنجي منڍي هيٺ ڪري ڪرونڊڙو ٿي رڪاوٽون پار ڪندي ڊوڙي ٿو. خطري ۾ هجڻ دؤران سيٽيءَ جهڙو آواز ڪڍي ٿو يا ڦشڪاري ٿو. سٺي تاروءَ جي صلاحيت بہ رکي ٿو. هي رات جو ٻاهر نڪرندڙ جانور آهي. بنا هٻڪ جي پاڻيءَ ۾ لھي، درياھہ جي ٻيٽن تي وڃي رسندو آهي. هي هڪ سھڻو جانور آهي. هرڻ کان وڏو ۽ رنگ ۾ هلڪو ڀورو يا گهرو ناسي ٿيندو آهي. ڪن جي جسم تي چِٽ بہ هوندا آهن. ڦاڙهي جي مادي نر کان قد بت ۾ هلڪي ٿيندي آهي ۽ ان کي نر وانگر وڏا سڱ نہ ٿيندا آهن. نر ڦاڙهي جا وڏا ۽ شاخدار سڱ ان جي خاص سڃاڻپ هوندا آهن پر اُهي سڱ بالغ نر کي ئي ٿيندا آهن. ڦاڙهي جي سڱن ۾ ٻن کان چئن ۽ گهڻو ڪري ٻارهن تائين بہ شاخون ٿينديون آهن. ڪڏهن ان کان وڌيڪ بہ هونديون آهن. اردو ۽ هنديءَ ۾ هن کي ’بارا سنگها‘ ان ڪري سڏيندا آهن. هن جي کل تي نرم وار ٿيندا آهن. هن جا کُر چيريل ۽ سنها ٿيندا آهن. اڳيون ٽنگون سنهيون ۽ پويون مضبوط ٿينديون اٿس. جن جي ذريعي تمام تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهي ٿو. ڦاڙهو گهاٽن جهنگن، ٻيلن، ساوڪ وارن ميدانن ۽ پاڻيءَ جي ڀرپاسي وارين جاين تي رهندو آهي. ڦاڙهي ۾ سنگهڻ جي صلاحيت تمام تيز ٿيندي آهي، چيو وڃي ٿو تہ هي هوا مان ميلن تائين پري کان انسان يا ٻئي ڪنھن شئي جي موجودگي محسوس ڪري وٺندو آهي، ان ڪري پراڻا خفتي ڦاڙهي جو شڪار ڪرڻ لاءِ هميشہ هوا جي مخالف رخ ۾ اڳتي وڌندا آهن. ڦاڙها گهڻو ڪري ولر جي صورت ۾ گڏ رهندا آهن. پر هر ولر ۾ مادين جو تعداد نرن جي مقابلي ۾ گهڻو هوندو آهي. ڦاڙهي ۾ نسلي واڌ ويجهہ جي مند سياري ۾ ٿيندي آهي. مادي لڳ جي اٺن مھينن کان پوءِ هڪ يا ورلي ٻہ ٻچا ڄڻيندي آهي. ڦاڙهي جي طبعي عمر 20 کان 30 سال ٿيندي آهي. هن وقت ان جانور جو نسل خطري هيٺ آهي. هتي سنڌ جي ڪجهہ علائقن کانسواءِ ڦاڙهو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي. 1992ع کان اڳ سنڌ جي خاص ڪري ڪچي ۾ ڦاڙهو جام هوندو هو ۽ درياھہ جي ٻوڏ وقت هن جا ولر پڪي جي علائقن ۾ بہ نڪري پوندا هئا. سنڌ جي ڪوهستان ۽ ٿر جي علائقن ۾ بہ هوندو هو. هن وقت سنڌ ۾ کير ٿر ۽ ڪن ٻيلن ۾ وڃي رهيو آهي. شوقين ڦاڙهن کي باغيچن ۽ پنھنجي گهرن ۾ بہ پاليندا آهن.