ڦتن جهڏو (ماڳ): هي ماڳ حسناڻي گبول ڳوٺ، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ڀت جبل تي تيل ڪمپنيءَ واري دفتر جي ويجهو، دهل ڍوري ۾ آهي. دهل ڍورو، نئنگ کان ڏکڻ پاسي اٽڪل 60 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. اتي ئي دهل ڍوري جي سطح کان 20 کان 25 فوٽ مٿي ڦتن جهڏو وارياسي پٿر جي هڪ قدرتي غار آهي. جتي ماڻهن پنھنجي وقت ۾ ليڪا اُڪيري، ڪي شڪليون ٺاهيون آهن. توڙي جو انهن شڪلين مان گهڻيون شڪليون ڊهي چڪيون آهن، تنھن هوندي بہ ڪي اڃا بہ موجود آهن. هي اُڪرون پوريءَ طرح ڏلھه وٽ ’ڪورن واري ڀرِ‘ سان ڀيٽي سگهجن ٿيون، ڄڻ ساڳين ئي ماڻهن ٻنهي جاين تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. هتي جاميٽريائي نموني نشان، متوازي ليڪون، چوڪنڊا، منڌيئڙا، گل، پتيون، چاکڙيءَ جا ترا وغيرہ اُڪريل آهن. هڪ هنڌ دائودي تارو بہ اُڪريل آهي. ڦَتن جهڏي ۾ اُڪريل نشانن ۾ سرھہ ۽ اُٺ جي تصوير بہ آهي.
ڦتن جهڏو ماڳ تي چٽسالي ٽن حصن تي مشتمل آهي. غار جي منھن وٽ موجود ڊٺل نقاشي ٻڌمت سان تعلق رکندڙ مذهبي نوعيت جي آهي، جنھن ۾ ٽي چار عدد ٺُلھہ اسٽوپا، هڪ عدد ٽن ڪوٺڙين وارو وِهارو (گوتم ٻڌ جي مندر جهڙو)، سواستيڪا نمايان آهن. غار ۾ اندر چٽسالي جاميٽريائي آهي. انهن ۾ ڪي نشان وڌيڪ توجھہ گهرن ٿا. مثال طور هڪ ٽڪنڊي جي مٿان رکيل هڪ افقي ليڪ جي ٻنهي ڇيڙن تي مٿي کنيل ٻانھون ڏنل آهن. ان جي ڀرسان هڪ عمودي ليڪ ٿنڀي وانگر آهي. بظاهر ايئن ٿو لڳي تہ ٿنڀي کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ان جي ڀرسان ئي اهڙو هڪ ٻيو ٿنڀ بہ آهي.