ڦتوهل: ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو خاص صلاحڪار ۽ فوجي جرنيل. ڦتوهل دلير ۽ جنگي فن جو ماهر هو ۽ هي پنھنجي دانائي ۽ عقلمنديءَ جي ڪري گهڻو مشھور هو. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ جڏهن نادر شاھہ افشار حڪم ڏنو تہ ڪانجيءَ جو قلعو فتح ڪيو وڃي، تڏهن اهو ٻڌي، ميان نور محمد جي رياست مان تاجن مينڌرو ڀڄي وڃي ڪانجيءَ جي قلعي ۾ پھتو ۽ اتي جي واليءَ کي سڄي حقيقت کان آگاھہ ڪيائين. ميان نور محمد اهو ڏسي مير شاهو بلوچ ۽ ڦتوهل کي ڪانجيءَ جي واليءَ ڏانھن موڪلي اهو پيغام ڏنو تہ تاجن کي پناھہ نہ ڏي ۽ کيس ميان صاحب جي حوالي ڪيو وڃي، پر ڪانجيءَ جي واليءَ اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ آئون ڪڇ جي راءِ جو ماتحت آهيان، انهيءَ ڪري آئون تاجن جي ٻانھن ميان نور محمد کي ڪو نہ ڏيندس. انهيءَ جواب کان پوءِ ميان نور محمد خان لشڪر تيار ڪيو، جنھن ۾ ٻين جرنيلن سان گڏ ڦتوهل کي بہ پاڻ سان گڏ کنيو. ميان صاحب ۽ ڪانجيءَ جي واليءَ جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنھن ۾ ميان صاحب کي فتح حاصل ٿي. جنگ هارائڻ کان پوءِ ڪانجيءَ جي واليءَ، شاھہ بھاري ۽ ڦتوهل کي اها سفارش ڪرڻ جي درخواست ڪئي تہ سندس جان بخشي آزاد ڪيو وڃي. شاھہ بھاري ۽ ڦتوهل جي سفارش تي سندس جان بخشي وئي ۽ کيس قيد ڪري، ڪانجيءَ جي قلعي کي ميان صاحب پنھنجي قبضي ۾ آندو. هي واقعو محرم الحرام 1159ھہ/جنوري 1746ع ۾ ٿي گذريو.