
ڦرڻي
ڦرڻي (راند): سنڌ ۾ هيءَ راند گهڻو کيڏي ويندي آهي. پورهيت ۽ هارين جا ٻار هيءَ راند ان وقت ڪندا آهن، جڏهن ڪڻڪون لھنديون، بٽئيون ٿينديون ۽ واهوندي جا واءَ ورندا آهن. ٻار جڏهن ڪنھن بٽئيءَ جو ٻڌن تہ مڙي اچي، کري وٽ گڏ ٿين ۽ پوءِ جيستائين تور پوري ٿئي ۽ بٽئي جو وقت اچي تيستائين وقت گذارڻ لاءِ ٻار ٻٻر جي مضبوط ۽ ٻِٽي ڪنڊي ۾ پلڙي جو هڪ پاسو وچو وچ آر پار لنگهائي، پلڙي جي چھنب ۾ ٻڪريءَ جي سُڪل ڦولھڙي ڦاسائي، پلڙي کي قابو ڪن. ائين هڪ رانديڪو تيار ٿي پوندو آهي. جنھن کي واءُ جي مخالف پاسي جهلبو تہ پلڙو ڦرڙاٽ ڪري ڦرندو. جنھن کي ٻار چون ڦرڻي. جيستائين بٽئي ٿئي، تيستائين گهڻو ڪري هر ٻار جي هٿ ۾ اها ڦرڻي هوندي، جيڪا هوا جي جهوٽن تي ڪنھن وقت تيز تہ ڪنھن وقت آهستي پئي ڦرندي. ڦرڻي راند سنڌ جي ٻارن جي پنھنجي ايجاد آهي. هاڻ اهڙيون ڦرڻيون پلاسٽڪ جون بہ ٺھن ٿيون، جيڪي ميلن ۾ عام جام کپنديون آهن.