ڦـل چونڊڻ رسم

ڦـُـل چونڊڻ (رسم): هي شاديءَ جي هڪ رسم آهي. ڦل چونڊڻ جو مطلب آهي گل چونڊڻ، پر عام طور گُلن بدران ڪپھه جا ٻُڙا ڪم آڻين ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ھر ھنڌ اھا رسم ڪپھه جي ٻڙن سان ئي ادا ڪئي ويندي آهي. رسم موجب لانئون لھڻ کان پوءِ ٻين ساٺن سوڻن بعد ٻہ ٽي سُھاڳڻيون، ڪپھه جي پوڻيءَ مان ٻڙا ٺاهي، ڪُنوار جي مٿي تي رکنديون، جيڪي گهوٽ چونڊيندو. پوءِ وري ساڳيون سُھاڳڻيون، گهوٽ جي مٿي تي ڪپھه جا ٻڙا رکنديون، جيڪي وري گهوٽ جي ڀيڻ، جيڪا ڀاءُ کي پلؤ ڏيو ويٺي هوندي آهي، سا پوتيءَ جو پلؤ هڻي، ٻڙا لاھيندي آهي. ڪن ھنڌن تي گهوٽ تي وِڌل ٻڙا وري ڪُنوار چونڊيندي آهي. انھيءَ موقعي تي زالون ھي ڳيچ يا ڳيو ڳائينديون آهن.
’ڦُلڙا چونڊيون، گلڙا چونڊيون، ٺر ڙي ماءُ.‘
سنڌ جي ڪِن علائقن ۾ ھن رسم کي ’گل چونڊڻ‘ بہ چون. ڪن ذاتين ۾: ڪپھه جي پوڻي ڪنوار جي نراڙ تي رکندا، اتان گهوٽ ست دفعا ڪپھه ڇِني کڻندو، پوءِ وري گهوٽ جي نرڙ تي رکندا تہ ڪنوار ست دفعا اھا ڪپھه ٿوري ٿوري ڪري ڇِني کڻندي. ان وقت زالون چون: ”جيترا گل چونڊيندو، اوترا پٽ ڄڻيندو“. ڪٿي وري ڪپھه جا ٻڙا ڪنوار جي مٿي تي رکن، جن کي گهوٽ ڦوڪ سان ھيٺ ڪيرائيندو. ائين ست ڀيرا ڪن. ٿر جي سماٽن ۾ ڪپھه جا ٻڙا بيٺل زالون، ذرا ذرا ڪري ڪنوار جي مٿان اڇلائين ۽ گهوٽ رومال سان اھي ڇنڊي ڪيرائيندو. ٿر جي هندو قبيلن ۾ اها رسم چونئري جا ڦيرا پورا ڪرڻ کان پوءِ گهوٽ کي ساهراڻي گهر ۾ رخصتي وقت ڏينگهڻ (ديوار تي گلڪاري جي مخصوص نموني) جي اڳيان ويھارڻ وقت ادا ڪئي ويندي آهي. جنھن ۾ رڳو ڪنوار جي چنريءَ تي ڇنڊيل ڪپھه جا ٻڙا گهوٽ کان چونڊايا ويندا آهن. ڄڃ جڏهن واپس گهوٽ جي گهر پھچندي آهي تہ اُتي بہ ٻين رسمن سان گڏ ڦل چونڊڻ جي رسم گهوٽ ۽ ڪنوار کي ادا ڪرڻي پوندي آهي. ميگهواڙن ۾ زالون ڪپھه جا ذرا ذرا ڪنوار جي چُنيءَ تي رکنديون ۽ گهوٽ چُنيءَ کي ڇنڊيندو تہ سڀ ھيٺ ڪري پوندا. ائين پنج دفعا ڪن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو