ڦـَڳڻ سنڌو سنبت جو مھينو

ڦـَڳڻ (سنڌو سنبت جو مھينو): آڳاٽي دور ۾ هندستان اندر ڌار ڌار قسمن جا پنج ڪيلنڊر رائج هئا، جن مان وڪرمي ڪيلنڊر کي گهڻي اهميت حاصل هئي. سنڌ وارن وڪرمي ڪلينڊر کي نظر ۾ رکي پنھنجو ڌار ڪيلنڊر ٺاهيو هو، جنھن کي هنن ’سنڌو سنبت‘ جو نالو ڏنو. اهو ڪيلنڊر قمري مھينن جي آڌار تي جوڙيو ويو هو. جن کي نج سنڌي نالا ڏنا ويا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ”سنڌو سنبت ڪئلينڊر سنڌ جي حاڪم راءِ سھارس جي پٽ راءِ سھاسيءَ جي وفات واري سال يعني 4 ھہ/626ع کان شروع ٿيو.“ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ايستائين جو ٻھراڙي ۽ ڳوٺن ۾ اڃا بہ ’سنڌو سنبت‘ وارو اهو ئي ڪيلنڊر رائج آهي. هن ڪيلنڊر کي شمسي ڪيلنڊر سان برابر ڪرڻ کان هر چوٿين سال اڌڪ وجهي پورو ڪيو ويندو آهي. اڌڪ وارو مھينو اٽڪل ٻن مھينن جو ٿيندو آهي، جيڪو چيٽ کان ويساک يا ويساک کان آکاڙ تائين هلي. سنڌو سنبت مھينن جو سٽاءُ هيٺين ريت ٿيندو آهي.
چيٽ: اپريل- مئي
ويساک: مئي- جون
ڄيٺ: جون- جولاءِ
آکاڙ: جولاءِ – آگسٽ
سانوڻ: آگسٽ- سيپٽمبر
بڊو: سيپٽمبر- آڪٽوبر
اَسُو: آڪٽوبر- نومبر
ڪَت: نومبر- ڊسمبر
ناهري: ڊسمبر- جنوري
پَوھہ: جنوري- فيبروري
مانگهہ: فيبروري- مارچ
ڦَڳڻ: مارچ- اپريل
ڦڳڻ سنڌو سنبت جو آخري يعني ٻارهون مھينو آهي، جيڪو مُند جي لحاظ کان بھار جي آمد جو مھينو آهي. هن مھيني ۾ ڏينھن جو گرمي ۽ رات جو ٿڌڪار ۽ صبح جو خشڪ سرديءَ سبب هلڪو سيءُ محسوس ٿيندو آهي. انبن ۾ ٻُور ڦلارجڻ شروع ٿيندو آهي، انھيءَ ڪري مثال ڏنو ويندو آهي.
’ڦڳڻ ڦلهاريو/ڦلاربو، راتان سيارو، ڏينھان اونھارو‘
هن مھيني ۾ وڻ ٻوٽا ڦُٽندا آهن، جنھن ڪري هن کي ڦوٽھڙي جي موسم پڻ چئبو آهي. قديم گرنٿ ’رگ ويد‘ ۾ هن موسم کي ’شُشَر‘ سڏيو ويو آهي. شُشَر يا ڦڳڻ بھار جي موسم آهي. اهڙي طرح هندن جي هولي ٻرندي، رنگ ميلا ۽ ميلو ٽارو آشرم ڦڳڻ مھينن ۾ ملهايا ويندا آهن. سنڌ جي ريگستاني علائقن ۾ هن مھيني جي شروع ۾ جيستائين ڪک پن ٿئي تيستائين ماڻھو مال جي گاھہ ۽ چاري لاءِ پريشان هوندا آهن.
ڦل (ذات): سنڌ ۾ رهندڙ هڪ قبيلو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهي سما آهن. ايس صادق علي جي لکڻ موجب، ڄام لاکي کي مسرق زال مان چار پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڦل‘ هو. ان ڦل جي پٺيان سندس اولاد ذات جا ’ڦل‘ سڏجن ٿا. هڪ ٻئي پٽ موڙهي جي پوٽي جو نالو پڻ ’ڦل‘ هو، جنھن جو اولاد بہ پاڻ کي ’ڦل‘ سڏائي ٿو. ان کان علاوہ انڙ بن سمون بن رائيڌڻ جي هڪ پٽ ’ڦل‘ جو اولاد پڻ ذات جا ڦل آهن راڄپرن جي هڪ پاڙي جو نالو ’ڦل‘ (ڦل جا) آهي. دلن ۾ پڻ ’ڦل‘ پاڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو