ڦلا

ڦلا

ڦلا

ڦلا: مڪئي، جوئر وغيرہ جي داڻن مان ڦُلا تيار ڪيا ويندا آهن. آڳاٽي وقت کان انهن داڻن کي پھرين ڌوئي سڪائيندا هئا. پوءِ دانگي، تئي وغيرہ ۾ سُڪل داڻا وجهي ٽانڊن تي پچايا ويندا هئا. باھہ جي تپش سبب اُهي داڻا ڀرجي ڦاٽي، اَڇي رنگ جا ڦُلا بڻجي پوندا هئا، جنھن سبب ئي کين ڦلا سڏيو ويو. مڪئي جا ڦُلا گهڻو واپرايا ويندا آهن. هاڻي بجلي وغيرہ تي هلندڙ ڦُلا ٺاهڻ جون مشيون بہ آيون آهن، جن ۾ مڪئي جا داڻا وجهي بجليءَ تي تپش ڏئي ڦُلا ٺاهيا ويندا آهن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ ڦُلن جو گهڻو وڪرو ٿيندو آهي. شھرن ۾ مختلف هنڌن تي ڦُلا عام جام ملندا آهن.


لفظ ڦلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو