ڦلجي (شھر): هيءُ تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جو هڪ شھر آهي. جاگرافي ۽ بيھڪ جي لحاظ کان دادو شھر کان 16 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ پيارو اسٽيشن کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. هن شھر جي آبادي هن وقت 40 هزارن کان وڌيڪ آهي ۽ شھر کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي. هن کي ڦلجي، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڦلجي وليج جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. تاريخ ’مظھر شاھجھاني‘ ۾ باغبان پرڳڻي سان گڏ ڦلجي قلعي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پر هن وقت قلعي جو ڪو بہ نالو نشان نہ ٿو ملي. انگريز دور جي 1876ع جي روينيو رڪارڊ ۽ ڪراچي ضلعي جي نقشي ۾ ڦلجي تپو ملي ٿو. هن شھر تي ’ڦلجي‘ نالو ڪيئن پيو، تاريخ ۾ ان جو ڪٿي بہ ڪو مستند ذڪر نہ ٿو ملي، پر ايتري ڄاڻ ضرور ملي ٿي تہ ڦُل هڪ هندو هو، جنھن ڪنھن زماني ۾ هن علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ هي شھر آباد ڪيو، جيڪو ڦـُل مان اڳتي هلي ڦلجي بڻيو ۽ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کانپوءِ ’ڦلجي‘ سان ’اسٽيشن‘ لفظ جو واڌارو ٿيو. اهڙيءَ طرح ماضيءَ جي تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ 1000ع کان 1550ع تائين ڦلجي، باغبان ۽ پاٽ شھر سنڌ جي خوشحال پرڳڻن ۾ هئا. شھر جي اولھه ۾ ڪجهہ مفاصلي تي سنڌ جي تاريخي ڪردار مخدوم بلاول جي مزار ۽ تاريخي مسجد واقع آهي، شھر جي اوڀر طرف ويجهي مفاصلي تي ماڻڪٽاري جو قديم دڙو بہ آهي، جنھن جي کوٽائي نہ ٿيڻ ڪري هي قديم تاريخي دڙو قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن شھر جي 20 ڪلوميٽر مفاصلي تي سنڌو درياھہ آهي، جتي هتان ۽ آسپاس جا ماڻھو مڇي ماري پيٽ گذر ڪندا آهن. شھر ۽ ان جي آسپاس آري بکر پير، صدر سرڪار، آراڌڻ پير ۽ وارث علي شاھہ بخاري جا مقبرا موجود آهن، جن تي ساليانا ميلا لڳندا آهن. هن شھر ۾ اڄڪلھه ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا موجود آهن. هتي گهرو دستڪاريءَ ۾ اڳٺ، رليون، ٽوپيون، دٻڪيون وغيرہ ٺاهڻ ۽ ڀرت جو ڪم ٿئي ٿو.