ڦلواڙي

ڦلواڙي (رسالو): ورهاڱي کان پوءِ ٻاراڻي ادب جي ضرورت محسوس ڪندي، پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچند ٻيلاڻيءَ 1953ع ۾ اجمير مان ماهوار رسالو ديوناگري سنڌي لپيءَ ۾ جاري ڪيو، جنھن جو ساليانو چندو ان وقت صرف هڪ روپيو هو. هي رسالو ڪجهہ سال راجستان رياست جي ٻالڪن جي ٻاريءَ طرفان نڪرندو هو. ان وقت راجستان ۾ ٻارن جون 6 ٻاريون هلندڙ هيون، ان ڪري رسالي جي وڪري ۽ مواد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي نہ ٿيندي هئي. اڳتي هلي عربي سنڌي لپيءَ ۾ بہ ڌار مواد سان رسالو جاري ڪيو ويو. هي واحد رسالو آهي، جيڪو گذريل 50-60 سالن کان ٻنھي لپين ۾ نڪرندو رهيو آهي. تڪليفن باوجود بانيڪار رسالو جاري رکندا آيا، 1994ع ۾ ان جي قيمت 10 روپيا ڪئي وئي. پرڀداس جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ديپچند ٻيلاڻي هن رسالي جي سموري جوابداري سنڀاليندو رهيو. هن وقت هوند راج ٻلواڻي هن رسالي کي جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو