ڦلواڙي روزاني خادم وطن حيدرآباد

ڦلواڙي (روزاني خادم وطن، حيدرآباد): روزاني ’خادم وطن‘، حيدرآباد پاران 1964ع ڌاري هر آچر تي ٻارڙن لاءِ علمي ادبي هفتيوار صفحو ’ڦلواڙي‘ جاري ڪيو ويو، صفحي جو انچارج حسام سومرو هو. هيءُ صفحو ٻارن ۾ نھايت مقبول ٿيو. بعد ۾ ساڳئي نالي سان، ’خادم وطن‘ جي هن صفحي جي ذريعي سنڌ ۾ ٻارن جي علمي، ادبي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنھن جو روح روان پڻ حسام سومرو هو. تنظيم جون شاخون سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ قائم ڪيون ويون، جيڪي جدا جدا وقتن تي ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائي، ٻارن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪنديون هيون. ’ڦلواڙيءَ‘ جون جيڪي شاخون وڌيڪ سرگرم هيون، تن ۾ شڪارپور، ٽنڊو آدم، ٻيراڻي ۽ ٽنڊو ڄام شامل هيون. هيءَ تنظيم ڳچ وقت هلي پوءِ بند ٿي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو