ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ

ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ

ڦلو مل ميگهواڙ ڊاڪٽر

ڦُلو مل ميگهواڙ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم عمرڪوٽ شھر ۾، 3 نومبر 1982ع تي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ’ڍاٽڪي ٻولي، ڍاٽڪي لوڪ ادب، سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي اڀياس‘ جي عنوان تي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن سنڌ اڀياس اڪيڊمي (زيبسٽ) ڪراچيءَ ۾ 2012ع کان 2015ع تائين ريسرچ ائسوسيئيٽ/ليڪچرر طور ڪم ڪيو. ان کان سواءِ شاھہ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شاھہ لطيف انسائيڪلوپيڊيا واري رٿا ۾ ريسرچ آفيسر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو . سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’نوري، ناري ۽ عدم‘ (2017ع)، (2) ’سنڌي پھاڪا- لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس‘ (ترجمو: 2017ع) وغيرہ شامل آهن. ڊاڪٽر ڦلو مل هن وقت شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.03  عيسوي

ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم عمرڪوٽ شھر ۾، 3 نومبر 1982ع تي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير بخش خاصخيلي
حڪيم حسين سيوهاڻي
سراج الدوله نواب
رسول بخش بروهي
بچل شاھہ جيلاني
عبدالقادر بدايوني
ڀٽو مولا بخش مسڪين
جميل اختر
بلقيس ايڌي
ڏيارام گدو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون