
ڦليلي ڪئنال
ڦليلي ڪئنال (وهڪرو): ڦليلي (Phuleli) سنڌ جو هڪ مشھور واھہ آهي، جيڪو حيدرآباد جي لڳو لڳ وهي ٿو. اڳ واھہ جي ٻنهي ڪنارن سان ساوا ۽ گهاٽا وڻ هوندا هئا، جن جي ڇانوَ هيٺ مسافر اچي آرام ڪندا هئا. سنڌ نيشنل ڪاليج (Sindh National College) جي تحقيق موجب هن واھہ تي ڦولدار وڻن ۽ ٻوٽن جي گهڻائيءَ سبب ڦليلي نالو پيو. هن واھہ جي نسبت سان هڪ بازار جو نالو پڻ ڦليلي رکيو ويو هو، جيڪو پوءِ بدلجي ويو. ڦليلي اصل ۾ سنڌو درياھہ مان نڪرندڙ هڪ ڦاٽ هو. جنھن جو پراڻو وهڪرو ڪڇ جي رڻ ڏانھن ويندو هو، جيڪو 1775ع کان پوءِ بہ قائم هو. ان کان پوءِ ٽالپر حڪمرانن، هن واھہ تي خاص ڌيان ڏنو ۽ هن مان ڪيتريون شاخون ڪڍرائي، غيرآباد زمينن کي آباد ڪرايو هو. هن واھہ کي مُھڙ وٽ ڦليلي (Phulaylee) ۽ پڇڙيءَ وٽ گوني (Gooni) چيو ويندو آهي. انگريزن جي حڪومتي دؤر ۾، هن واھہ کي وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو ويو. ان زماني ۾ هن واھہ جو هيڊ ورڪس ڄامشوري وٽ رکيو ويو هو. سنڌ گزيٽيئر موجب: 1857ع ۾ واھہ جي منھن وٽان واريءَ جا دڙا هٽائي، رنڊيل ڀاڱن کي ويڪرو ڪري ۽ ويھه هزار رپين جي لاڳت سان وهڪرو کوٽي سُڌاريو ويو. 1858ع ۾ اٽڪل پنج ميل ڊگهو نئون وهڪرو حيدرآباد ويجهو درياھہ مان کوٽيو ويو. 1858ع کان وٺي ڦليليءَ جي مُک واھہ جي سُڌاري لاءِ ڪيئي ڪم ڪيا ۽ ڪيئي لوهي ڇاٻ لڳايا ويا آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب، لوئر سنڌ بئراج جي اڏاوت کان اڳ، ڦليلي هڪ ڦاٽ هو. هي ڦاٽ ميرپور بٺوري تعلقي ۽ جاتيءَ رستي جي ڀر ۾ ڇتن جي ڳنڍي جي ويجهو گونگڙي واھہ سان وڃي ملندو هو. لوئر سنڌ بئراج جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ ڦليليءَ يا پڃاريءَ جو منھن، ڄامشوري وٽان ڪڍيو ويو ۽ هن وقت حيدرآباد شھر پڃاريءَ (Pinjnaari) (ڦليليءَ) جي ڪپ تي آهي. نئين وهڪري کان پوءِ، هي حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ميرپور بٺوري، سجاول ۽ جاتي تعلقن کي آباد ڪري ٿو. دڙي شھر وٽان هن مان نئچل شاخ ۽ وزيراڻي شاخ نڪرن ٿيون. هي واھہ 12 لک کان وڌيڪ ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. حيدرآباد شھر وٽ، ڦليليءَ مان اڇي ۽ ڪاري موريءَ (Kaari moree) وچان اولھه طرف، هڪ ننڍو واھہ ڪڍيو ويو هو، جيڪو رشي گهاٽ (Rashi ghaatt) کان ٿيندو، ڊومڻ واھہ (D'omann waah) سان ملندو هو. اتان اهو واھہ سنگت موريءَ (Sangat moree) طرف ويندو هو. ناليواري اديب ۽ مورخ عبدالقيوم ’صائب‘ موجب سنگت موريءَ کان اها واھہ جي شاخ وهي، ٽن تلائن کي پاڻي پھچائيندي هئي، پوءِ حيدرآباد جي قلعي کان ٿيندي، ٻيھر وڃي ڦليلي واھہ ۾ پوندي هئي.
ڦليليءَ جي اولھه طرف مندرن جو خوبصورت علائقو رشي گهاٽ سڏبو هو. ڦليليءَ ۾ ٻيڙين رستي تجارتي مال جي اچ وڃ ٿيندي هئي. اهو مال بٺوري ۽ بدين جي علائقن کان حيدرآباد ايندو ويندو هو. اڇي موريءَ (Achhi moree) جي ڀڪ سان، ڦليليءَ ڪناري تي ملاحن جو ڳوٺ هو، جتي ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون. ڦليلي واھہ جو ڪيترن ئي ادبي شھپارن ۾ بہ ذڪر ملي ٿو.