ڦلڪارا

ڦلڪارا (شھر): هي شھر ضلعي بدين تعلقي ماتليءَ ۾ يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو. هن شھر جو بنياد ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڦُلڪارا قبيلي وارن وڌو، جن جي نسبت سان مٿس ڦُلڪارا نالو پيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ڦلڪارن موجود شھر واري جڳھہ تي مستقل رهائش اختيار ڪئي. ٽالپرن جي دور ۾ هن قبيلي کي انھيءَ دور جي، هن سماواتي پرڳڻي جو ڪجهہ حصو جاگير طور مليو ۽ هن قبيلي جي هڪ بھادر جنگجو حيدرخان ڦلڪاري کي ميراڻي درٻار ۾ اهم مقام ڏنو ويو. ٽالپر حڪمرانن طرفان کيس چانديءَ جي هٿيي سان هڪ تلوار بہ ڏني ويئي، ائين حيدر خان ڦلڪارو حيدرآباد جي ميراڻي درٻار ۾ پنھنجي فوجي منصب جون ذميواريون سنڀاليندو رهيو. ڦلڪارا قبيلي جي رئيس لشڪري خان ڦلڪاري ڦليليءَ مان هڪ ننڍو واھہ کوٽائي، جاگير آباد ڪئي. انگريزن خلاف مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ هن قبيلي حصو ورتو هو. انگريزن جي قبضي ٿيڻ کان پوءِ بہ هنن ساڻن ويڙھہ جاري رکي. نتيجي ۾ هن ڳوٺ تي ملٽري آپريشن ٿيو ۽ ڦلڪارا قبيلي کان جاگير کسي ويئي. جنھن سبب ڦلڪارا لڏي ٽنڊو غلام عليءَ ڀرسان ڪنڊياري جي ڇن نالي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جتي رهي بہ هي ويڙھہ ڪندا رهيا. انگريزن طرفان جاگير ڦرڻ ۽ ملٽري آپريشن ڪرڻ بعد ڪو بہ ڦلڪارو هتي نہ رهيو. جنھن کان پوءِ ٻين ذاتين جي ماڻهن جي آبادي سبب هي ڳوٺ آباد رهيو. هن وقت هتي مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. هن شھر سان لڳ درگاھہ اوٽو شريف موجود آهي. جتي نڙ بيت جو وڏو شاعر سانوڻ فقير خاصخيلي مدفون آهي، جنھن تي هرسال ميلو لڳندو آهي.


لفظ ڦلڪاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو