ڦل تارڻ (رسم): هندو ڌرم جا پوئلڳ مرُدي جو اگني سنسڪار ڪرڻ کان پوءِ مردي جي سڙيل رک تي ٽئين ڏينھن پاڻي هاري، ان مان ڪجهہ رک ميڙي ڪنھن برتن/ٿانُءُ ۾ رکندا آهن، جنھن کي رک يا ’ڦل‘ چوندا آهن. ڦل سنڌو ندي، گنگا، جمنا، سارڌڙي جي مرگهي ڪُن ۾ يا ڪنھن وهندڙ واھہ جي پاڻي ۾ تاريندا آهن، جنھن کي ’ڦل تارڻ‘ چوندا آهن. ان موقعي تي برهمڻ يا ڪنھن ڌرمي ڄاڻو کان رسم ادا ڪرائي ويندي آهي. ڦل تارڻ جي رسم کي ’رک پرواھہ‘ ڪرڻ يا ’تارڻو ڪرڻ‘ جي رسم پڻ چيو ويندو آهي.