ڦل ماڇي: ڦل ماڇي ولد فتح محمد عرف فتن ضلعي ٺٽي، جهرڪ ويجهو ٻيلي ويران ۾ ڄائو. کيس ٽي ڀائر ڪرڙ، خيرو ۽ سومار نالي ۽ هڪ ڀيڻ حليما نالي هئي. ننڍپڻ کان ئي هتي جي مختلف ڀاڳين جو مال چاري ۽ گاھہ ڪري گذر ڪندو هو. جوانيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿيس. هڪ ڀيري عيد جي ڏينھن انهيءَ ڇوڪريءَ سان ڪچھري ڪندي، ڇوڪريءَ جي مائٽن مان هڪ ماڻهوءَ کيس ڏسي ورتو، جنھن کانپوءِ ڦل ۽ ان ماڻهوءَ جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ اهو ماڻهو ڦل جي هٿان قتل ٿي ويو ۽ هو اتان ڀڄي نڪتو. انھيءَ واقعي کان پوءِ ڦل ماڇي لڪندو رهيو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ هن ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا ۽ مشھور ڌاڙيل ٿي ويو. غريبن ۽ عورتن کان ڦر ڪو نہ ڪندو هو. ڦر ڪيل سامان ۽ ملڪيت پنھنجي ڪٽنب کان سواءِ گهڻو ڪري رات جي وقت پنھنجي علائقي جي مسڪين ۽ ضرورتمندن وٽ وڃي کين مدد طور ڏيئي ڇڏيندو هو. ڌاڙو هڻندي قرآن مجيد، ڪا نياڻي يا ڪو ننڍڙو ٻار سامهون آيو تہ اتان ڌاڙو هڻڻ ڇڏي ڏيندو هو. هڪ ڀيري ڇاري ڍنڍ نالي شھر ۾ پوليس ۽ فوج پاران هن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي وئي، پر اتي هڪ سرڪاري عملدار کي قتل ڪري فائرنگ ڪندي ڀڄي ويو. ٻئي ڀيري گرفتار ٿي جيل ۾ ويو پر ٿوري ئي وقت ۾ جيل ٽوڙي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ وري ڌاڙا هڻڻ لڳو. ڦل ماڇي ڌاڙيل هوندي بہ نماز جو پابند رهيو. هڪ ڀيري ميٽنگ اسٽيشن ويجهو ٿلهي فقير واري ماڳ وٽ رڻ ۾ ترسيل هو، اتي جيئن ئي هن عشاءَ جي نماز پڙهڻ شروع ڪئي تہ کيس سندس هڪ ساٿيءَ موقعو ڏسي گولي هڻي ماري وڌو. چيو وڃي ٿو تہ هن کي سندس ويجهي ساٿي محمد عرف مامن هيلايو قتل ڪيو. اهو واقعو ويھين صدي عيسويءَ جي پنجاھہ واري ڏهاڪي ۾ ٿيو. کيس بابن شاھہ قبرستان تلاءَ نمبر 3 حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. ڦل ماڇيءَ کي هڪ نياڻي (سوني) جو اولاد هو. هن وقت سندس خاندان جهرڪ ويجهو ساپا موريءَ لڳ رهي ٿو.