ڦولستان (ٻارن جو رسالو): ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ ڄيٺانند لعلواڻيءَ، ’ڦولستان‘ نالي ٻارن جو رسالو، حيدرآباد سنڌ مان جاري ڪيو هو. هي رسالو ڀارت جيون ساهتيہ منڊل پاران نڪرندو هو، جنھن ۾ ٻارن جي وندر لاءِ آکاڻيون، گيت ۽ انعامي پروليون ڏنيون وينديون هيون. هن رسالي ذريعي لالواڻي صاحب ’ٻارن جو بھشت‘، ’پرستاني پري‘ ۽ ’ڪبوتر جي ڪنوار‘ جھڙا ڪتاب پڻ ڇپايا هئا.