ڦوٽاڻو

ڦوٽاڻو: هي هڪ مزاحيہ ٿري لوڪ گيت آهي، جنھن جا مختلف قسم ملن ٿا. سھيليون سيڻن کي هڪ ٻئي سان مزاحيہ ڀوڳ ڪنديون آهن، ڦوٽاڻو لوڪ گيت شادي مراديءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. جڏهن گهوٽيتا ڪنواريتن وٽ پڄندا آهن تہ گيت ڳائيندڙ عورتون خوشيءَ جي ٻين گيتن سان گڏ ڦوٽاڻي جا طنز مزاح سان ڀرپور گيت ڳائي سندن آجيان ڪنديون ۽ ماحول کي خوشگوار بنائينديون آهن. گهوٽيتن مان سگهڙ ماڻهو عورتن کي جيئو جيئو چئي ’جيتارو‘ / جس ڏيندو آهي: مثال طور هڪ ڦوٽاڻو، لوڪ گيت آهي:
پاڏي ڀڳي جائي، پاڏي ڀڳي جائي
(پاڏي پيئي وڃي، پاڏي پيئي وڃي)
ڇورو ڄاڻي، مانھنجي ڏاڏي ڀڳي جائي
(ڇورو ڄاڻي، منھنجي ڏاڏي پيئي وڃي)
نا ڙي ڇورا، ڏاڏي ڪونهي، پاڏي ڀڳي جائي
(نہ ڙي ڇورا، تنھنجي ڏاڏي ڪانهي، پر پاڏي پيئي وڃي)
پاڏو ڀڳو جائي، پاڏو ڀڳو جائي،
(پاڏو پيو وڃي، پاڏو پيو وڃي)
ڇورو جاڻي، مانھنجو ڏاڏو ڀڳو جائي
(ڇورو ڀانئي ٿو تہ منھنجو ڏاڏو پيو وڃي)
نا ڙي ڇورا، ڏاڏو ڪونهي، پاڏو ڀڳو جائي
(نہ ڙي ڇورا، تنھنجو ڏاڏو ڪونهي پر پاڏو پيو وڃي)
گاءِ ڀڳي جائي، گاءِ ڀڳي جائي،
(ڍڳي پيئي وڃي، ڍڳي پيئي وڃي)
ڇورو جاڻي، مانھنجي ماءِ ڀڳي جائي،
(ڇورو ڀانئي ٿو تہ منھنجي ماءُ پيئي وڃي)
نا ڙي ڇورا، ماءُ ڪونھي، گاءِ ڀڳي جائي.
(نہ ڙي ڇورا، تنھنجي ماءُ ڪونهي، پر گانءِ پيئي وڃي)


لفظ ڦوٽاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو