ڦوٽو فقير چانگ: ڦوٽو فقير عرف اسماعيل چانگ اصل مکي مٺڙائو، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو. ننڍي عمر ۾ ٻين حُرن سان گڏ انگريزن هن کي قيد ڪري شھدادپور لڳ لوڙهي ۾ رکيو هو. جتي انگريزن جي عملدارن ۽ پوليس پاران مردن، عورتن ۽ ٻارن سان غير انساني سلوڪ، هن جي ذهن تي گهڻو اثر ڇڏيو. نيٺ هڪ ڏينھن ڪنھن معمولي ڳالھہ تان پوليس هٿان سخت تشدد جو نشانو بنجڻ کان پوءِ لوڙهي مان ڀڄي نڪتو ۽ روپوش ٿيل ٻين حُرن سان گڏجي پنھنجو ٽولو ٺاهيائين. انگريزن سندس گرفتاريءَ تي وڏو انعام رکيو، جنھن ڪري ڪجهہ وقت سنڌ ڇڏي وڃي جيسلمير ۾ رهيو.
ڦوٽي فقير ساٿين سان گڏ جيسلمير جي مشھور ڌاڙيل چترو ٺڪر جي ٽولي سان مقابلو ڪيو، جنھن ۾ چترو ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، ان کان سواءِ انگريز فوج ۽ پوليس سان وڏيون چوٽون کاڌائين. پاڪستان جي قيام کان پوءِ 1952ع ۾ جڏهن پير پاڳاري جي گادي بحال ٿي، تہ پاڳاري جي حڪم تي ڪيترن ئي باغي ماڻهن سان گڏ ڦوٽو چانگ بہ پيش ٿيو. پيش پوڻ کانپوءِ پاڪستان سرڪار ڪجهہ عرصي بعد سڀني حرن جا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو ۽ هو امن جي زندگي گذارڻ لڳا. 1960ع کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ ڏوهي وارداتن ۽ ڌاڙيلن ۾ واڌ آئي، تڏهن پير پاڳاري جي حڪم تي ڦوٽو فقير، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سنڌ پوليس سان سھڪاري بڻيو. هن نوابشاھہ ۾ ڌاڙيل پٺاڻ ڪورائي واري ٽولي سان مقابلو ڪري پٺاڻ ڪورائي سميت ڪيترائي ڌاڙيل ماري ٽولي جو خاتمو آندو. 1966ع ۾ ٻين حرن سان گڏجي ڌاڙيل ڪاري ماڇيءَ جي ٽولي جو بہ خاتمو آندائين. ان کانسواءِ ڌاڙيل غلام حيدر ڪٽوهر جي ٽولي سان مقابلو ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪيترن ڌاڙيلن جي ٽولن کي ختم ڪرڻ ۽ ڀڄائڻ ۾ ٻين حرن جي مدد سان اهم ڪردار ادا ڪيائين. پير پاڳاري جڏهن حر فورس قائم ڪيو، تڏهن هو بہ ان ۾ شامل ٿيو. 1971ع واري جنگ ۾ هندستاني فوج جڏهن ڇاڇري تائين اچي پھتي تہ حر فورس حملو ڪري هندستاني فوج کي ڀڄائي ڪڍيو. جنھن حملي ۾ ڦوٽو فقير چانگ بہ شامل هو.