ڦوڙ ندي

ڦوڙ ندي (وهڪرو): ڪراچيءَ ڀرسان هاڙهي جبل (بلوچستان) جي پڇڙيءَ وٽ هيءَ هڪ نئن آهي. لياريءَ کان گذري، رڻ ۽ رائو جهاڳڻ کان پوءِ ڦوڙ ندي برسات ۾ وهندي آهي. عام روايت آهي تہ هن نديءَ جي ڪناري سسئي، پنھونءَ جي ڳولا ۾ پھتي هئي. ان زماني ۾ هيءَ ندي ڀرجي وهندي هئي. روايتن موجب سسئي پاڻيءَ جي اُٿل ڏسي، واپس موٽي پٻوڻي ناڪو ڏئي وئي هئي.
ڦوڙ نديءَ جي کاٻي پاسي تي پرڀرو مصر جي اهرامن جهڙيون ڪجهہ مخروطي ٽڪريون آهن، جن کي چندر ڪوپ چون ٿا.


لفظ ڦوڙ نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو