
ڦوڪڻو
ڦوڪڻو: هي رٻڙ/پلاسٽڪ جي ھڪ نرم ٿيلهي آهي، جنھن کي گيس، جھڙوڪ: ھيلئيم، ھائڊروجن، نائٽرو آڪسائيڊ، آڪسيجن، عام ھوا يا پاڻي وجهي ڦوڪبو آھي. موجودہ دؤر وارا ڦوڪڻا رٻڙ، ٻوٽن جي کير (Latex)، مصنوعي رٻڙ يا نيئپرين (Neoprene) يا پولي ڪلوروپرين، نائلون فيبرڪ مان ٺاھيا ويندا آهن، جيڪي رنگ برنگي ھوندا آھن. پراڻي دؤر ۾ جانورن جي مثاني کي سڪائي ڦوڪڻي طور استعمال ڪيو ويندو هو، جنھن ۾ سوئر جو مثانو گهڻو استعمال ٿيندو ھو. ڦوڪڻن جو عام استعمال سينگار يا تفريح طور ٿيندو آهي، پر ڪجهہ اھڙا ڦوڪڻا ھوندا آھن، جن جو استعمال مختلف مقصدن لاءِ پڻ ٿيندو آهي، جھڙوڪ موسمي ڦوڪڻو موسم لاءِ، اينجيو پلاسٽي جو ڦوڪڻو دل جي نس يا شريان جي رڪاوٽ کولڻ لاءِ، بيراز ڦوڪڻو (Barrage Balloon) حفاظتي مقصدن لاءِ، ھوابازي وارو ڦوڪڻو آمدورفت لاءِ استعمال ٿيندو آهي. آباديءَ جي گهٽتائي توڙي ڄم روڪ لاءِ پڻ مخصوص طبي ڦوڪڻن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.