ڦوڳ

ڦوڳ (ٻوٽو): ڦوڳ کي انگريزيءَ ۾ Calligonum ۽ لاطينيءَ ۾ Calligonum Polygonoides چيو ويندو آهي. ڦوڳ سنڌ جي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ جام ٿئي ٿو. هن جي ٿُڙ جي ڪاٺي ڳاڙھہ - سري ناسي رنگ جي ٿئي، جنھن مان ناسي رنگ جو پائوڊر نڪري ٿو، جيڪو هر ٿُڙ جي پاڙ وٽ ڪٺو ٿيل نظر ايندو آهي. مٿڀرو سندس ٽاريون سفيديءَ ڏي مائل هونديون آهن. جڏهن هن جا پن ڇڻي ويندا آهن، تڏهن هي ٻوٽو سالن جو سڪل لڳندو آهي، پر سياري پوري ٿيڻ شرط فيبروري مھيني يعني بھار ۾ سائو ٿي پوندو آهي. واهوندا ورندي ئي ڦوڳن ۾ سنھڙا سنھڙا گؤنچ نڪرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ڪوهيڙن جي ڪري ساوا ٿين ۽ ڦلڙيون جهلن ٿا. ڦوڳ جي ڦلا سھڻي ٿيندي آهي ۽ منجهس هلڪي سُرهاڻ هوندي آهي. هن جي ڦلار کي ڦوڳ جا گونچ عام پنن جي ڀيٽ ۾ صرف ڌاڳن جھڙا ٿين ٿا. ڦوڳ جو ٻوٽو گهڻن ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺي ٻارڻ جي ڪم اچي ٿي. ڪاٺي ٽاڪُئين (ڀورُو-نازڪ) ٿئي، ان ڪري آسانيءَ سان هٿن سان ئي ڀڄي پوندي آهي. ڦوڳ جا پن کٽا ٿيندا آهن. تنھنڪري جانور شوق سان نہ ٿا کائين پر ٻئي گاھہ نہ ملڻ جي حالت ۾ اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون هن کي کائينديون آهن. ڦوڳ جو اَن ڏٿ ۾ شامل آهي. ٿر جا ڏوٿي ماڻهو جهنگ جي ٻين ڏٿن سان گڏ ڦوڳ جو اَنُ بہ ڪتب آڻيندا آهن. ڦوڳ جي ڪچڙين ڦلڙين مان ڀاڄي پڻ ٺاهي ويندي آهي. ڦوڳ جڏهن سُڪي وڃن تڏهن ان جا پن پڻ سڪي ڳاڙها ٿي اچي هيٺ ڪِرن ۽ اهي سُڪل پن وري ٿر جا هاري ماڻهو ميڙي ڀاڻ ڪري وارياسي زمين ۾ وجهي پوک لاءِ ڪم آڻين. حڪيم هن ٻوٽيءَ جا پن ۽ پاڙون مختلف بيمارين جي دوائن ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن.


لفظ ڦوڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو