
ڦيٿو
ڦيٿو (Wheel): ڦيٿو انساني ايجادن مان سڀ کان اهم ايجاد آهي، جنھن انساني سفر کي تڪڙو ۽ آسان بڻايو. هي گول دائري جي طرز جو هڪ پرزو آهي، جيڪو محور تي گهمندو آهي، جيڪو ان جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي. اهڙو ڦيٿو گهمڻ تي مادي جي هڪ جڳھہ کان ٻي جڳھہ تائين پھچڻ ۾ مدد ملندي آهي. هي نہ صرف ڳري مادي کي پھچائڻ پر مشين ۾ محنت کي بہ گهٽ ڪندو آهي. هڪ ڦيٿو (Wheel) هڪ گهمڻ وارو پرزو آهي (عام طور تي گول شڪل ۾)، جنھن جو مقصد هڪ محوري بيئرنگ کي ڦيرائڻ آهي. ڦيٿو ’ڦيٿي ۽ محور‘ (Wheel and Axle) جي اهم حصن مان هڪ آهي، جيڪا ڇھن سادين مشينن مان هڪ آهي. ڦيٿا، محور سان گڏ، ڳرين شين کي آسانيءَ سان، حرڪت يا نقل و حمل کي آسان بڻائي، وزن جي حمايت ڪندي، يا مشينن ۾ ڪم ڪندي، منتقل ٿيڻ جي اجازت ڏين ٿا. ڦيٿن کي ٻين مقصدن لاءِ بہ استعمال ڪيو ويندو آهي. جھڙوڪ ٻيڙيءَ جو ڦيٿو، اسٽيئرنگ ويل، ڪنڀار جو ڦيٿو ۽ ولائي وهيل.
هڪ ڦيٿو محور جي استعمال سان گڏ ڦرڻ سان حرڪت کي آسان بڻائي رڳڙ کي گهٽائي ٿو. ڦيٿن کي گهمڻ لاءِ، هڪ قوت (Moment) کي ان جي محور جي چوڌاري لاڳو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا يا تہ ڪشش ثقل جي ذريعي يا ٻي بيروني قوت يا ٽارڪ (Torque) جي استعمال سان ڪئي ويندي آهي. آڳاٽن آثارن جا ماهر ان راءِ جا آهن تہ سڀ کان پھرين ڦيٿي جي ايجاد 5 هزار سال اڳ سنڌو ماٿر جي تھذيب جي اڏيندڙن ڪئي، جنھن جا آثار مليا آهن. اوائلي دور ۾ ڦيٿا ڪاٺ مان ٺاهيا ويا. پھريائين ڪاٺ جي ٿلهي ٿڙ کي گولائيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ڪٽي، وچ مان سوراخ ڪري ڦيٿا ٺاهيا ويا. وقت گذرڻ سان انھن تي پوءِ لوھہ جا پٽا چاڙهي هلايا ويا. لوهي پٽي جو استعمال پھرين اُر (قديم عراقي شھر) ۽ آشوريه تھذيب وارن ڪيو. شروع ۾ ڦيٿي جو استعمال گاڏي، رٿ جنھن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا، ان ۾ ڪيو ويو. رٿ شروع ۾ ٽي هزار سال قبل مسيح ۾ سُميري قوم ٺاهيا. پوءِ جيئن دنيا ترقي ڪئي ۽ منڊيون قائم ٿيون تہ ڦيٿي ۾ جدت ايندي وئي. ڪيترين ئي مشينن جون گراڙيون بہ ڦيٿي نما آهن. قديم آثارن جي ماهرن مھين جي دڙي کان پوءِ آشوريه تھذيب، بابلي تھذيب ۽ مصري تھذيب جي کنڊرن مان ابتدائي قسم جا ڦيٿا ڳولي لڌا آهن. سڀني مسافر گاڏين، باربردار گاڏين، هوائي جهازن کان ويندي اڪثر مشينن، مريضن جي کڻڻ وارن اسٽريچر ۾ بہ ڦيٿا لڳل هوندا آهن.