
ڦِر ڦِر سَونٽو
ڦِر ڦِر سَونٽو (راند): هيءَ راند ٻھراڙيءَ جا ٻار کيڏندا آهن. هن راند ۾ گهڻو ڪري 5 کان 10 سالن جي عمر جا ٻار گولائيءَ ۾ ويھندا ۽ هڪ ٻار آڳ ڏيندو آهي. ڦر ڦر سونٽي جي پھرين آڳ لاءِ ٻار جدا جدا طريقا اختيار ڪن، جن ۾ ’ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ‘ واري تڪ بندي جنھن ٻار تي کُٽي، اهو آڳ ڏيندو. ان کان پوءِ هر شڪست کائيندڙ ٻار آڳ ڏيندو ايندو، جنھن جي هٿ ۾ پوتي يا ڪنھن ٻئي ڪپڙي مان وٽيل سونٽو هٿ ۾ هوندو، ان کي جهلي سڄي گول جي چوڌاري ڦرندو ايندو ۽ چوندو ويندو: ’ڦر ڦر سونٽو‘ ۽ ٻيا چوندا: ’دٻلي ٿي ڇڻڪي‘. اتر سنڌ پاسي انھي ورجاءَ کي اڃا بہ اڳتي وڌائين. ڦر ڦر سونٽو، دٻلي ٿي ڇڻڪي. آڳ ڏيندڙ ٻار وري چوندو ته، ’دٻلي ڇڻڪائي ڏي‘، وراڻيءَ ۾ ٻار چوندا، ’ڇڻڪائي سڀ سون پائي ڏي‘. ائين چوندي ڪنھن بي خيال ڇوڪري جي پويان سونٽو ڇڏي ويندو، ان ڇوڪري جيڪڏهن سونٽو رکندي محسوس ڪري ورتو تہ اهو سونٽو کڻي، اهو آگ ڏيندڙ جي پٺيان رسيو تہ سونٽو هڻندو، جي نہ رسيو تہ آگ ڏيندڙ ڇوڪرو سندس جاءِ تي وڃي ويھندو. پر ان بي خبر ڇوڪري جيڪڏهن مڙي پويان نہ ڏٺو ۽ آگ ڏيندڙ ڇوڪرو هڪ چڪر ڦري آيو تہ هو سونٽو کڻي ان ڇوڪري کي هڻڻ شروع ڪندو، جيستائين اهو ڇوڪرو سڄو گول چڪر گهمي واپس پنھنجي جاءِ تي اچي نہ ويھي. هيءَ راند ايئن هلندي رهندي آهي، جيستائين ٻار ٿڪجي پون يا وري ڪا ٻي راند کيڏن.