
ڦٽڪا
ڦٽڪا: ڦٽڪن جي سزا مجرمن لاءِ هڪ وڏي اذيت ڏيندڙ سزا آهي. ڦٽڪو نج چمڙي مان ٺھيل هوندو آهي ۽ ڪوڙو يا چھبڪ بيڊ جي ڇڙي مان ٺھيل هوندو آهي. پر ڦٽڪو گهڻو تڪليف ڏيندڙ ٿئي ٿو. هيءَ سزا وڏن ڏوهارين کي ڏني ويندي آهي. ڦٽي کاري (Creek): هيءَ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي (Indus Delta) جي سڀ کان اولھائين قديم کاري/ نار آهي. هيءَ گهاري کان اڳيان ڀنڀور جي ڏکڻ کان شروع ٿي اولھه طرف وڃي ٿي. پورٽ محمد بن قاسم بہ ڦٽي نار واري هنڌ تي ئي موجود آهي. هن مان هڪ ڀاڱو ڀنڀور کان ڏکڻ طرف وهي لاهري بندر وٽ پھچندو هو/آهي.