
ڦڦڙ
ڦڦڙ (Lungs): ساھہ وارن جي ڇاتيءَ ۾ موجود ٻہ لچڪيدار ۽ اسفنجي عضوا آھن، جن جي مدد سان انسان توڙي ٻيا ڪرنگهي وارا جانور ساھہ کڻندا آھن. ڦڦڙن جو بنيادي ڪم آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئسن جي مٽاسٽا (Gaseous exchange) ڪرڻ آھي، جنھن ۾ اھي وايومنڊل/ ماحول مان حاصل ڪيل آڪسيجن کي رت ۾ شامل ڪري، واپس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول ۾ خارج ڪن ٿا. ڦڦڙن ۾ گئسن جي مٽاسٽا جو اھو عمل ڦڦڙن اندر لکن جي تعداد ۾ موجود تڇ/ خوردبيني ٿيلھين ۾ ٿئي ٿو، جن کي وائي ڳوٿريون يا آليولي (alveoli) سڏين ٿا. هر ڦڦڙ هڪ سنهي جهريءَ واري ٻٽي تھه ۾ ويڙهيل ٿئي ٿو، جنھن کي پلورا (pleura) سڏجي ٿو. پلورا هڪ پاڻيٺ پيدا ڪن ٿا، جنھن جي مدد سان ڦڦڙ آلا رھن ته، ساھہ کڻڻ وقت سولائيءَ سان سسڻ ۽ ڦنڊڻ واري چرپر ڪري سگهن ٿا. ھر ڦڦڙ ننڍن ڀاڱن يا واضح حصن ۾ ورھايل آھي، جن کي ٻوٽَ (لوبز/ lobes) چون ٿا. ساڄي ڦڦڙ ۾ ٽي وڏا ٻوٽَ آهن، جڏهن تہ کاٻي ڦڦڙ (جيڪو دل جي موجودگي سبب ساڄي کان ٿورو ننڍو پڻ آهي) ۾ ٻہ ٻوٽَ آهن. اندر وڃي هر ٻوٽِ سوين ننڍڙين ٻوٽڙين (لوبيولز/ lobules) ۾ ورهائجي ٿو وڃي. هر ٻوٽڙيءَ ۾ هڪ برانڪيئول ۽ لاڳاپيل شاخون، هڪ سنهي جهري ۽ آليولي جا جهڳٽا شامل آهن.
ساھہ کڻڻ وقت ھوا نڪ يا وات رستي داخل ٿئي ٿي ۽ نالين تي ٻڌل وائي لنگهن (air passage) جي هڪ سرشتي مان لنگهندي ڦڦڙن ۾ پھچي ٿي. نڙيءَ جي ھيٺ ھڪ وڏي ساھہ نلي ٿئي ٿي، جنھن کي نڙگهٽ/ ٽريڪيا (Trachea) چون ٿا. ٽريڪيا اڳتي ٻن ننڍڙين نالين برونڪائي (bronchi) ۾ ورھائجي وڃي ٿو. برونڪائي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي وڌيڪ ننڍين نلين جي شاخن برانڪيئولز (bronchioles) ۾ ورڇجي وائي ڳوٿرين/ آليولي ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ڦڦڙن جي وائي لنگهہ جي ڀيٽ ھڪ اھڙي ابتي وڻ سان ڪري سگهجي ٿي، جنھن جو ٿڙ مٿي ٽاريون ھيٺ ٿين ٿيون، ۽ اھڙي ڀيٽ کي respiratory tree چون ٿا.
ھر وائي ڳوٿريءَ جي چوڌاري رت جي وار نلين (Blood capillaries) جو ھڪ ڄار ٿئي ٿو. جڏھن وار نلين مان رت لنگهي ٿو تہ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڦڦڙن ۾ ۽ آڪسيجن رت ۾ شامل ٿي ويندي آھي. ڦڦڙن ۾ گئسن جي مٽاسٽا کان پوءِ رت واپس دل ۾ پھچندو آھي.
ساھہ کڻڻ جي سرگرميءَ کان سواءِ ڦڦڙ ٻيا جسماني ڪم بہ ڪندا آهن، جھڙوڪ: پاڻي، شراب ۽ دوائن جي جزن کي جذب ۽ خارج ڪرڻ عام طور ڦڦڙ روزانو تقريبن چار حصا پاڻي خارج ڪندو آهي. ايٿر (ether) ۽ نائٽرس آڪسائيڊ (Nitrous oxide) جهڙيون بي هوش ڪندڙ گئسون ڦڦڙن ذريعي جذب ۽ خارج ڪري سگهجن ٿيون. ڦڦڙ هڪ اهڙو نامياتي ڀڃ گهڙ ڪندڙ عضوو آهي، جيڪو مختلف مادن جي ترڪيب، ذخيره اندوزي، تبديلي ۽ تباهيءَ ۾ سرگرم هوندو آهي. جسماني سرگرمي طور غير متحرڪ ڦڦڙن ۾ موجود ڪُل گئس جي مٽاسٽا جو صرف ويھون حصو استعمال ڪري ٿو. ڦڦڙ اڪثر ڪري وچڙندڙ بيمارين (انفيڪشن) ۽ زخمن ۾ ملوث هوندا آهن. ڪجهہ بيماريون ڦڦڙن کي وسيع پئماني تي تباھہ ڪري بيڪار بڻائي سگهن ٿيون. زهريلي مادن جھڙوڪ: تماڪ، نشي آور شين ۽ ماحولياتي گدلاڻ سان پڻ ڦڦڙن تي نقصانڪار اثر پوي ٿو، ڦڦڙن جون سڀ کان عام بيماريون روڳ/بيڪٽيريائي ۽ وائرسي انفيڪشن ٿين ٿا، جن ۾ سلھہ (ٽي. بي)، نمونيا (Pneumonia)، خُروسڪ/ساھہ جي مونجهہ، کنگهہ (Croup)، برانڪائيٽس (Bronchitis)، ڪولڊس (Colds) ۽ ايفلوئينزيا (Influenza) وغيرہ آهن. جنھن سان ڏسندي ئي ڏسندي صحتمند ڦڦڙن جا ٽشو هڪ ريشيدار جهڳٽي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، جنھن سان ساھہ جي مٽاسٽا واري عمل کي انجام نہ ڏئي سگهندا آهن. طب جي شعبي ۾ هن وقت تائين اهڙو ڪو ثبوت ناهي مليو تہ جگر وانگر ڦڦڙن جا ٽشو هڪ ڀيرو تباھہ ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻيھر پيدا ٿي سگهن.