
ڦڪا شھر
ڦڪا (شھر): هي شھر تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ خدا آباد کان ٽي ڪلوميٽر اولھه طرف انڊس هاءِ وي ويجهو کان مٿانھين هنڌ تي موجود آهي. جنھن کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. شھر تي نالي پوڻ بابت مختلف روايتون آهن. هڪ روايت مطابق ڦڪو نالي هڪ واڻيو، وڏو واپاري رهندو هو، جنھن جو هتان کان هند توڙي سنڌ تائين واپار هلندو هو. سندس ڪاروبار جي ڪري ڳوٺ کي پذيرائي ملي ۽ مٿس نالو ’ڦڪا‘ پيو. ٻي روايت مطابق ’ڦڪو‘ پنھورن جو هڪ پاڙو آهي، مغلن جي دور کان وٺي پنھور هتي اڪثريت سان رهندڙ هئا. ان پاڙي جي حوالي سان شھر ’ڦڪا‘ سڏيو ويو. محقق غلام رسول مھر ۽ لياقت مگسي جي تحقيق موجب مغلن جي دور ۾ سامتاڻين ۾ قيصر خان پنھور جي حڪومت هئي، جنھن کي مغلن طرفان هتان جون زمينون مليل هيون، جنھن کي ميان يار محمد ڪلهوڙي 1701ع ۾ بنا ڪنھن ويڙھہ جي شڪست ڏئي، ڦڪا تي قبضو ڪيو. تنھن دؤر ۾ ڦڪا ۾ واپار اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن ذريعي هلندو هو. انگريزن جي دور ۾ خدا آباد ۾ ريل سروس شروع ٿي تہ ڦڪا جي واپار کي وڌيڪ هٿي ملي. شھر ۾ چونڊيل ميمبرن تي مشتمل ميونسپالٽي هوندي هئي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پڙهائيءَ جو انتظام هو. ميونسپالٽيءَ پاران شھر جي صفائي، چوڪي، امن امان، علاج، پيئڻ جي پاڻي، روشني ۽ غريبن جي سھائتا لاءِ اپاءُ ورتا ويندا هئا. انگريزن جي دور ۾ ئي جوهي، ٽلٽيءَ، ڀان ۽ دادو تائين بس سروس شروع ٿي. شھر جون گهٽيون پڪيون، ڪشاديون ۽ اڪثر گهر پڪا هئا. شھر جي چوگرد بازارون هونديون هيون، جن مان هيٺين بازار ۽ مٿين بازار مشھور هيون. شھر ۾ پوليس ٿاڻو، پوسٽ آفيس، ڍڪ بہ هو.اٽي پيھڻ ۽ چانور ڇڙڻ جون چڪيون ۽ تيل جا گهاڻا هوندا هئا. مسافر خاني جي بہ سھولت هوندي هئي. هتي ڊکاڻڪو ۽ چٽساليءَ جو ڪم سٺو ٿيندو هو. پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ هندن جي اڪثريت لڏي وڃڻ ڪري هي شھر گهٽجي ويو. هن وقت شھر بدران هن کي هڪ تاريخي ڳوٺ جي حيثيت آهي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، هنري اسڪول ۽ سرڪاري اسپتال موجود آهي. 2000ع ۾ يونين ڪائونسل ڦڪا جو نالو بدلائي ’ميان يار محمد ڪلهوڙو‘ رکيو ويو آهي.