کائڙ: ٿر جو هڪ طبعي ڀاڱو، جنھن کي کائڙ واسي عام طور ’کاهڙ‘ ڪري اچارين ٿا. ڇاڇري شھر کان اوڀر طرف ۽ اتر طرف گڍڙي تائين جو علائقو ’کائڙ‘ سڏجي ٿو. هي کوکرا پار کان شروع ٿي، گڍڙو، نيٻلو، جيتراڙ، ڍوٻڙي، جيسي جو پار ۽ کينسر تائين آهي. ان ۾ ڏاهلي، ڪنڙي، ڪاٺي جي ويري، ٻگل، ٻوڙ واءُ، ڪيرلو ۽ رتنور وغيره اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي ۾ ڀٽون ۽ دڙا گهڻو ڪري سڀ ننڍا، وڻ ۽ ٻوٽا به ٿر جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ ننڍا ٿين ٿا، هتي جا کوهه اونھان ۽ کارا ٿين ٿا. هن ايراضي ۾ پاڻيءَ جو خاص وسيلو مينھن آهن، فقط وسڪاري جي مند ۾ مينھن وسي، تلاءَ ۽ ترايون ڀرجن ۽ انهن تي گذارو ٿئي. ڪن خاص هنڌن تي ننڍا ۽ مٿاڇرا کوهه به کڻن، جيڪي جبل واري تھه کان مٿي هوندا آهن، جن جو پاڻي چڱو هوندو آهي، پر مٿاڇرا هئڻ ڪري انهن جو پاڻي جلد سُڪي ويندو آهي. مقامي طور انهن کوهن کي ’پار‘ چوندا آهن ۽ انهيءَ پار لفظ جي پويان، سموري کائڙ ۾ ڪافي ڳوٺ آهن، جيئن ’سڄڻ جو پار‘، ’مينڌري جو پار‘، ’مالي جو پار‘ وغيره. هن علائقي جا هڪڙا کوهه 28 پُرهن (140فوٽ) تي آهن ته ٻيا 10 يا 12 پُرهن (50 کان 60 فوٽ) تي آهن. 28 پُرهن وارو پاڻي ٻاڙو هوندو آهي، جڏهن ته 12 پُرهن واري کوهه جو پاڻي اڪثر مٺو هوندو آهي. کائڙ جو اونهي ۾ اونهو کوهه گڍڙي ۾، 60 پُرهن (300 فوٽ) تي آهي. ان جو پاڻي اڻ کُٽ ۽ مٺو آهي. کائڙ جي پوشاڪ ۾ مسلمان عورت وڏو گج گهاگهرو، مٿي تي وڏي چُني ۽ پڙو پائي ٿي. مرد کي پٽڪو، پير ۾ چمڙي جي جُتي ۽ کٿي جي گوڏ پاتل هوندي آهي. هندو عورت اڳ ۾ پڙي ۽ گهاگهر سان گڏ بنا پُٺ جي جهٻو پائيندي هئي، پر هاڻي پُٺ ڍڪيل هوندي آهي. مرد قميص، گوڏ ۽ مٿي تي پٽڪو پائيندا هئا/آهن پر هاڻ سلوار قميص جو رجحان عام ٿي ويو آهي. مٿي تي پٽڪي بجاءِ گهڻو ڪري سنڌي ٽوپي پائين. هتي نج ڍاٽڪي ڳالهائي ويندي آهي گڏوگڏ سنڌي به ڳالهائي ويندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به ’سر مارئي‘ جي بيتن ۾، ٿر جي ٻين حصن سان گڏ ’کائڙ‘ جو به تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي. جيئن: ’کائڙ‘ پين کير، جي امانت اتي وڃي. ’کائڙيا‘ کڻي ويا، ڍريا مٿي ڍٽ. ’کائڙيا‘ کڻي ويا، ٿر ڪيائون ٿاڪ. ’کائڙ‘ کٿيون خاصيون، اوچي ذات اچن.