کائڙ: ٿر جو هڪ طبعي ڀاڱو، جنھن کي کائڙ واسي عام طور ’کاهڙ‘ ڪري اچارين ٿا. ڇاڇري شھر کان اوڀر طرف ۽ اتر طرف گڍڙي تائين جو علائقو ’کائڙ‘ سڏجي ٿو. هي کوکرا پار کان شروع ٿي، گڍڙو، نيٻلو، جيتراڙ، ڍوٻڙي، جيسي جو پار ۽ کينسر تائين آهي. ان ۾ ڏاهلي، ڪنڙي، ڪاٺي جي ويري، ٻگل، ٻوڙ واءُ، ڪيرلو ۽ رتنور وغيره اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي ۾ ڀٽون ۽ دڙا گهڻو ڪري سڀ ننڍا، وڻ ۽ ٻوٽا به ٿر جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ ننڍا، تڙ اونهان ۽ کارا ٿين. زمين گهڻي سنئين آهي، جنھن ۾ ڏهر وڏا آهن. هن ايراضيءَ جا رهاڪو، فقط وسڪاري جي مند ۾ مٺو پاڻي پيئن، سو به تڏهن جڏهن مينھن وسي، تلاءَ ۽ ترايون ڀرجن، تنھن کانسواءِ ڪن خاص هنڌن تي ننڍا ۽ مٿاڇرا کوهه به کڻن، جيڪي جبل واري تھه کان مٿي هوندا آهن، جن جو پاڻي ڪجهه قدر چڱيرو هوندو آهي، پر مٿاڇرا هئڻ ڪري انهن جو پاڻي جلد سُڪي ويندو آهي، مقامي طور انهن کوهن کي ”پار“ چوندا آهن ۽ انهيءَ پار لفظ جي پويان، سموري کائڙ ۾ ڪافي ڳوٺ آهن، جيئن ’سڄڻ جو پار‘، ’مينڌري جو پار‘، ’مالي جو پار‘ وغيره. هن علائقي جا هڪڙا کوهه 28 پُرهن (140فوٽ) تي آهن ته ٻيا 10 يا 12 پُرهن (50 کان 60 فوٽ) تي آهن. 28 پُرهن وارو پاڻي ٻاڙو هوندو آهي، جڏهن ته 12 پُرهن واري کوهه جو پاڻي اڪثر مٺو هوندو آهي. کائڙ جو اونهي ۾ اونهو کوهه گڍڙي ۾، 60 پُرهن (300 فوٽ) تي آهي. ان جو پاڻي اڻ کُٽ ۽ مٺو آهي. کائڙ جي پوشاڪ ۾ مسلم عورت وڏو گج گهاگهرو پائي ٿي. مٿي تي چُني وڏي وائلي جي چار وال جي هوندي آهي. هيٺ پڙو ٿلهي ڪپڙي جو هوندو آهي. مرد کي پٽڪو، پير ۾ چمڙي جي جُتي ۽ کٿي جي گوڏ پاتل هوندي آهي. هندو عورت اڳ ۾ پڙي ۽ گهاگهر سان گڏ بنا پُٺ جي جهٻو پائيندي هئي، پر هاڻي پُٺ ڍڪيل هوندي آهي. کائڙ جي نوجوانن ۾ تعليم، مزدوري ۽ وٽ واپار لاءِ ٿر کان ٻاهر اچڻ وڃڻ جي ڪري، سلوار قميص جو رجحان عام ٿي ويو آهي. مٿي تي پٽڪي بجاءِ سنڌي ٽوپي ۽ پيرن ۾ سليپر به پائين. کائڙ ۾ نم ۽ سرينھن وغيره ٿين. جهنگ ۾ ٻير ۽ ڪنڊو (کيجر)، ٿوهر، اڪ ۽ کپ وغيره به ٿئي. هتي جي ٻولي نج ڍاٽڪي آهي. سنڌيءَ جو واهپو صرف پڙهيل لکيل ۽ ٻاهران آيلن وٽ آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ’سر مارئي‘ جي بيتن ۾، ٿر جي ٻين حصن سان گڏ ’کائڙ‘ جو به تمام گهڻو بيان ڪيو آهي. جيئن: ’کائڙ‘ پين کير، جي امانت اتي وڃي. ’کائڙيا‘ کڻي ويا، ڍريا مٿي ڍٽ. ’کائڙيا‘ کڻي ويا، ٿر ڪيائون ٿاڪ. ’کائڙ‘ کٿيون خاصيون، اوچي ذات اچن.