کارو

کارو: سنڌ جو اهو علائقو، جيڪو کاري يعني سامونڊي ڪناري سان آهي. جنھن ۾ ڪراچي، گهاري، ميرپورساڪري، ڳاڙهي، گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ جاتي سميت بدين جا سامونڊي ڪناري وارا علائقا اچي وڃن ٿا. کارو تاريخي لحاظ کان سمنڊ سان سلھاڙيل رهيو آهي ۽ هن علائقي ۾ سنڌوءَ جو ڇوڙ هئڻ ڪري زراعت، چوپائي مال وغيره جي گهڻائي رهي آهي. هيءُ علائقو ٻيڙين وسيلي آمد و رفت ۽ جھاز رانيءَ لاءِ به مشھور هو. سنڌ جو کارو، خشڪي، درياهي ۽ ساموندي رستي سڄي دنيا سان ڳنڍيل رهيو آهي. کاري جي ماڻهن جو گذران ماهيگيري، ڪناري وارين زمينن ۾ سُٺي زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي. چوپائي مال ۾ اُٺ، مينھون ۽ ٻيو مال اچي وڃي ٿو. هتي جو کارائي اُٺ مشھور رهيو آهي. زرعي فصلن ۾ کارائي گنجا، رتڙيا، ڳاڙها ۽ چانورن جا ٻيا به ڪيترائي قسم هتي گهڻو ٿين. ڪيلي، ناريل، پان وغيره جا باغ به گهڻا آهن. کاري جي مڇيءَ جي ڪيترن ئي قسمن سان گڏ هتي جي نباتات به اهم آهي. هتي ٻيلن ۾ ڪيترائي وڻ ٿين ٿا، خاص ڪري تمر جا ٻيلا مشھور آهن. آڳاٽي دؤر ۾ هتي نير جو فصل گهڻو ٿيندو هو، جنھن مان ڪپڙي وغيره جي رڱاوت جو ڪم ٿيندو هو. لاڻي جي ٻوٽي جو به هتي خاص قسم ٿيندو هو، جنھن مان ڪپڙي وغيره جي ڌوئڻ لاءِ کار ۽ صابڻ تيار ڪيو ويندو هو. کاري جو تھذيبي، تمدني ۽ ثقافتي نمونو به پنھنجو آهي. کاري ڇاڻ کان ڪيٽي بندر تائين ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ کي ’کارائي لھجو‘ سڏجي ٿو.


لفظ کاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو