کاروڙ ڍنڍ: اڇڙي ٿر ۾ ’کاروڙ‘ نالي ٻه ڍنڍون آهن، جيڪي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي نسبت سان سڏجن. هڪ دمن واري کاروڙ ۽ ٻي ڊڀري واري کاروڙ. هيءَ ڍنڍ اڇڙي ٿر جي اوائلي ڳوٺ ’ڊڀري‘ جي پٺيان آهي، ان ڪري ’ڊڀري واري کاروڙ‘ سڏجي ٿي پر عام طور کاروڙ جي نالي سان ئي سڃاتي وڃي ٿي. ڊڀري ۽ کاروڙ جي تاريخ حر تحريڪ جي حوالي سان به هڪ اهم باب جي حيثيت رکي ٿي.