کارو ڇاڻ (شھر): کارو ڇاڻ سامونڊي ڪناري تي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ شھر، جنھن کي تعلقي جو درجو مليل آهي. هي پھرين محال کارو ڇاڻ هوندو هو. سنڌوءَ سمنڊ ۾ هتي اچي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪري هن کي کارو ڇاڻ چيو وڃي ٿو. آڳاٽي دور ۾ هي سنڌوءَ جي ٻن وهڪرن جو وچ ۾ هو ۽ فقط اولھه- ڏکڻ پاسي کان سمنڊ موجود هو. هن وقت ٽن طرفن کان سمنڊ ۽ هڪ اُتر پاسي کان سنڌوءَ جو مُک وهڪرو وهندڙ آهي، آڳاٽي زماني ۾ هي ڪڪرالي پرڳڻي جو به ڀاڱو رهيو آهي. گهڻي وقت کان زرعي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو آهي. هتي باغن ۽ ٻين ڪيترن ئي فصلن سان گڏ چانورن جا ڪيترائي قسم ٿيندا هئا، خاص ڪري چانورن جي هڪ جنس ’کارائي گنجا‘ اڄ به هن تر ۾ مشھور آهي. هتي چوپايو مال گهڻو هئڻ ڪري کير، مکڻ وغيره به گهڻو رهيو آهي. شاهبندر، سوکي بندر ۽ ڪيٽي بندر ويجها هئڻ ڪري واپاري مرڪز به رهيو آهي. سکيو ستابو شھر هئڻ ڪري اڳ ۾ هتي گهڻي آبادي هئي. سنڌوءَ درياهه جي پاڻي گهٽجڻ ۽ سمنڊ جي گهڻو وڌڻ ڪري هاڻي هتي جي زراعت وغيره تباهه ٿي چڪي آهي. تنھنڪري هتان جا قديم رهواسي پنھنجا ڳوٺ ڇڏي، هتان نڪري ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. هاڻي هي علائقو گهڻيءَ حد تائين اُجڙي چڪو آهي