کارو ڪوٽ: هي ڪوٽ اڇڙي ٿر، ضلعي سانگهڙ ۾، سنڌ ۽ جيسلمير کي ڳنڍيندڙ اوائلي رستي تي واقع آهي. ميرن جي دؤر ۾ هن ڪوٽ جي گهڻي اهميت هئي. کارو ڪوٽ، ڀٽن جي ڀاڪر ۾ وڪوڙيل هڪ ماٿريءَ ۾ آهي. هي ڪوٽ ڪچين سرن سان چوڪور شڪل ۾ جڙيل آهي. وقت گذرڻ ڪري هاڻي ڀتيون وغيره گهڻو کاڄي ويون آهن.