کرڪ/کارڪ بندر: حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ هي بندر آڳاٽي زماني کان موجود رهيو. سڪندر يوناني جي دور ۾ جڏهن نيرڪس هاڪاري هن علائقي ۾ پھتو هو، تڏهن به هن نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ بندر جو ذڪر ملي ٿو. سترهين صدي عيسويءَ تائين هي بندر آباد رهيو، پر پوءِ حب نديءَ جو منھن ريٽجڻ ڪري هي بندر ختم ٿي اُجڙي ويو. ٽالپرن جي آخري ۽ انگريز دور جي اهم ڪردار سيٺ نائون مل جو خاندان ڪراچي وسائڻ کان پھرين کارڪ يا کارڪ بندر ۾ رهندو هو. جنھن جو نائون مل، پنھنجي ڪتاب ’يادگيريون‘ ۾ ذڪر به ڪيو آهي.