کانٽو: ڪراچي ڊويزن ۾، ڪورنگي ضلعي جي لانڍي تعلقي جو هيءُ علائقو ڳوٺاڻي آباديءَ تي مشتمل آهي. کانٽو ننڍي ڪسي، بند، ڍوري يا کڏ کي چيو ويندو آهي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي ڀرجڻ سان هتي هڪ ڍنڍ ٺھي پئي، ان ڪري هن کي ’کانٽو ڍنڍ‘ يا کانٽي واري ’ڪسي‘ ۽ علائقي کي ’کانٽو‘ چيو ويو. سِڪڻ مان نڪتل اُها ڪسي لانڍي تائين پيئڻ جي پاڻي ۽ زراعت لاءِ ڪم ايندي هئي. هي زرعي علائقو هو، پر هاڻي ڪارخانن، مارڪيٽن وغيره ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. کانٽي ديھه جو ڪجهه حصو ريلوي لائين سان سلھاڙيل رهيو آهي. ضلعي لسٻيلي (بلوچستان) ۾ کانٽو ۽ پورالي نئن گڏجي ’ٽٽياڻ جو ڍورو‘ بڻجن ٿا، جيڪو اُٿل ۽ لياري جي وچ تي آهي. ڳوٺ محمد شاهه، شاهه لطيف ٽائون، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، رزاق آباد ۽ ٻيا علائقا هن ديھه ۾ آهن. ديھه جي ايراضي 5397 ايڪڙ آهي.